اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسپورٽس بورڊ ايشين انڊر 16 والي بال چيمپئن شپ جي فاتح ٽيم کي 8.2 ملين رپين جي نقد انعام جو اعلان ڪيو آهي.پاڪستان اسپورٽس بورڊ جي ترجمان موجب، پي ايس بي ڪيش ايوارڊ پاليسي 2024 تحت، انفرادي انعام جو 30 سيڪڙو ڪانٽينينٽل ٽيم ايونٽس جي گولڊ ميڊلسٽ رانديگر کي ڏنو ويندو آهي. هن پاليسي تحت، 12 رڪني اسڪواڊ کي ڪل 7.2 ملين رپيا نقد انعام ڏنا ويندا.ترجمان موجب، انڊر 16 والي بال ٽيم جي هر رانديگر کي تاريخي فتح لاءِ 600,000 رپين جو نقد انعام ڏنو ويندو. هي پاليسي ڪوچنگ اسٽاف لاءِ ٽيم ايوارڊ جو 50 سيڪڙو مختص ڪري ٿي، اهڙي طرح ڪوچنگ اسٽاف کي 10 لک رپيا ڏنا ويندا.ترجمان وڌيڪ چيو ته انڊر 16 والي بال ٽيم ۽ ايشين چيمپئن شپ کٽڻ تي ڪوچنگ اسٽاف کي 8.2 ملين رپين جو نقد انعام ڏنو ويندو.










