اسپتال تي حملي جو ذميوار فلسطيني گروپ،اسرائيل جي حمايت جو اعلان

اسپتال تي حملي جو ذميوار فلسطيني گروپ،اسرائيل جي حمايت جو اعلان

تل ابيب(ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر جو بائيڊن اسرائيل جي دوري تي پهتو جتي هن غزه جي اسپتال تي حملي جو ذميوار فلسطيني گروپ کي قرار ڏنو.پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي تل ابيب پهچڻ تي صدر جوبائيڊن سندس آجيان ڪئي ۽ ان موقعي تي جوبائيڊن نيتن ياهو کي ڀاڪر پاتو،بعد ۾ اسرائيلي وزيراعظم سان ڳالهه ٻولهه ۾ آمريڪي صدر اسرائيل کي مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو ۽ چيو ته واشنگٽن غزه ۾ جنگ دوران اسرائيل جي دفاع لاءِ سڀ ڪجهه فراهم ڪندو.جوبائيڊن چيو ته 7 آڪٽوبر کان شروع ٿيندڙ ان جنگ ۾ هينئر تائين 31 آمريڪي شهري مارجي چڪا آهن. آمريڪي صدر نيتن ياهو سان ڳالهه ٻولهه ۾ غزه جي اسپتال تي حملي جو ذميوار فلسطيني گروپ کي قرار ڏنو. ۽ هن چيو ته غزه جي اسپتال تي حملو بظاهر ڪنهن ٻي ٽيم ڪيو هو نه ته سندس طرفان، پر آمريڪي صدر ان حوالي سان ڪنهن به ثبوت جو ذڪر ناهي ڪيو.ان موقعي تي اسرائيلي وزيراعظم چيو ته حماس کي شڪست ڏيڻ لاءِ دنيا کي گڏ ٿيڻو پوندو.
اسرائيلي فوج وڌيڪ 65 فلسطينين کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو
ٻئي طرف فلسطيني خبرن جي اداري جو چوڻ آهي ته اسرائيلي فوج ويسٽ بئنڪ ۾ وڌيڪ 65 فلسطينين کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ 7 آڪٽوبر کان حراست ۾ ورتل فلسطينين جو انگ 750 ٿي ويو آهي، جن ۾ غزه ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن جو انگ به شامل ناهي.
شهيد فلسطينين جو انگ 3300 کان وڌي ويو
فلسطيني صحت واري وزارت موجب غزه ۾ اسرائيلي حملن جي نتيجي ۾ هينئر تائين شهيد ٿيندڙ فلسطينين جو انگ 3 هزار 300 کان وڌي ويو آهي جڏهن ته 13 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.
پيوٽن غزه جي اسپتال تي بمباري کي انتهائي خطرناڪ ۽ تباهي واري قرار ڏئي ڇڏيو
ان کان علاوه روسي پيوٽن غزه ۾ اسپتال تي بمباري کي انتهائي خطرناڪ ۽ تباهي وارو قرار ڏيندي چيو آهي ته اهي ڳالهيون ظاهر ڪن ٿيون ته حماس ۽ اسرائيل وچ ۾ جنگ ختم ٿيڻ گهرجي.ميڊيا رپورٽن موجب آمريڪي صدر جي اسرائيل پهچڻ کان اڳ به اسرائيلي فوج غزه تي بمباري جو سلسلو جاري رکيو، جڏهن ته خان يونس ۾ هڪ رهائشي عمارت کي نشانو بڻايو ويو.جنهن جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا شهيد جڏهن ته 40 کان وڌيڪ سخت زخمي ٿي پيا.

پهنجو تبصرو موڪليو