اسٽيل ملز جي برطرف ملازمن جو احتجاج، روڊ بلاڪ

اسٽيل ملز جي برطرف ملازمن جو احتجاج، روڊ بلاڪ

ملير ( رپورٽ شهزادو مستوئي )اسٽيل مل جي پورهيتن پاران جبري برطرفين خلاف ٻئي ڏينهن به ڌرڻو، فوت ٿي ويل پورهيت حبيب الرحمان جي جنازي جي نماز نيشنل هاءِ وي تي ادا ڪئي وئي. پورهتين پاران جبري برطرفين خلاف اسٽيل موڙ تي ٻئي ڏيهن به احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو پورهيتن مين نيشنل هاءِ وي تي رڪاوٽون وجهي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا آهن جنهن سبب هزارين گاڏيون بيهجي وين آهن ٽريفڪ جام ٿيڻ سبب ڪراچي جو ملڪ جي ٻين شهرن سان زميني رابطو ختم ٿي ويو آهي پورهيتن اڪبر ناريجو، غلام مصطفيٰ زرداري ،ڌڻي بخش سمون، عاصم ڀٽي، عبدالحق چنا،جواد سيٺار، غفارٻگهيو امجد زرداري، پ پ اڳواڻ امداد جوکيو ۽  ٻين چيو ته تحريڪ انصاف سرڪار ظلم جي انتها ڪئي آهي اسان جو معاشي قتل عام ڪري لکين خاندانن کي بک مارڻ جو پلان ڪيو ويو آهي عمران خان، اسد عمر ڊاڪٽر عارف علوي چونڊن کان اڳ اسٽيل مل جي گيٽ تي اچي اعلان ڪيو هو ته اسٽيل مل کي تباھ ڪندڙن جو گهريو تنگ ڪري حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ 3 مهينن اندر مل کي بحال ڪيو ويندو اهي سڀ واعدا ڪوڙا هئا هي ظلم آهي ناانصافي آهي اهڙي ظلم خلاف هاڻي ريلوي ٽريڪ بند ڪبو ايئر پورٽ بند ڪبو ڪراچي شهر بند ڪبو گورن هائوس اڳيان احتجاج ڪبو پر جبري پورهيتن تي خاموش نه ويهنداسين هنن چيو ته هي ظالم حڪمران آهن هنن هڪ ڪروڙ نوڪرين جو اعلان ڪري ملڪ جي هر شهري کي بيروزگار ڪرڻ شروع ڪيو آهي هر ملڪ جو شهري پريشان آهي مهانگائي سبب نوڪرين تان نيڪالي گهرن مان بيدخلي اسان جو معاشي قتل ڪرڻ آهي اهڙي عمل تي چيف جسٽس آف پاڪستان کي پاڻ مرادو نوٽيس وٺڻ گهرجي ٻئي پاسي پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسٽيل مل جي ملازمن کي نه پر عمران خان کي برطرف ٿيڻ گهرجي بي رحم سرڪار ملازمن کي برطرف ڪيو آهي اسان انهن جي مذمت ڪيون ٿا پ پ ملازمن کي بحال ڪندي هن چيو ته هن زمين جي مالڪ سنڌ سرڪار آهي  ٻئي طرف صدمي ۾ فوت ٿي ويل ان جي نماز نيشنل هاءِ وي تي ادا ڪئي وئي. بلاول ڀٽو اعلان ڪيو آهي ته پيپلز پارٽي حڪومت ۾ اچڻ بعد انهن ملازمن کي نوڪرن تي بحال ڪندي. هن چيو ته هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جا اعلان ڪندڙ هزارين ماڻهن کان نوڪريون کسي رهيو آهي. هوڏانهن صنعتن واري وزير حماد اظهر چيو آهي ته ڪيترن سالن کان مل بند آهي هر مهيني 25 ڪروڙ پگهارن ۾ ادا ڪرڻا پون ٿا. ملازمن جو چوڻ آهي ته نا اهل انتظاميه جي ڪري منافعي ۾ هلندڙ ملز کي خساري جو هٿ سان شڪار ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته ميرٽ جي دعويدار عمران خان جي حڪومت ڪجهه مهينا اڳ ملز جو سربراهه لڳائڻ لاءِ اشتهار ڏنو هو جنهن ۾ دني جي مختلف ملڪن ۾ اسٽيل ملز ۾ وسيع تجربو رکندڙ ميٽلرجيڪل انجنيئرنگ جي ڊگري رکندڙ اميدوار بدران هڪ ريٽائرڊ فوجي جنهن کي ڪو تجربو به نه هو ان کي مقرر ڪيو ويو هو.  

پهنجو تبصرو موڪليو