ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج (پي ايس ايڪس) ۾ ڪاروباري هفتي جي ٽئين ڏينهن يعني اربع تي نئون رڪارڊ قائم ٿي ويو، تيزيءَ سبب 100 انڊيڪس تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي. واپار دوران بازارِ حصص جي 100 انڊيڪس ۾ 1247 پوائنٽن جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن بعد 100 انڊيڪس هڪ لک 52 هزار 223 پوائنٽن تي پهچي وئي اڄ تائين جي ڪاروبار دوران بئنچ مارڪ 100 انڊيڪس هڪ لک 52 هزار 294 پوائنٽن جي بلند ترين سطح تي به پهتو. واضح رهي ته گذريل ڏينهن ڪاروبار جي پڄاڻي تي 100 انڊيڪس هڪ لک 50 هزار 975 پوائنٽن تي بند ٿيو هو.










