ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ملڪ ۾ سياسي افرا تفري ۽ معاشي عدم استحڪام سبب اسٽاڪ مارڪيٽ ڪريش ڪري وئي، سيڙپڪاران جا اربين روپيا ٻڏي ويا آهن. 100 انڊيڪس 39 هزار جي نفسياتي حد به ٽوڙي ڇڏي منجهند جو 100 انڊيڪس 1432.94 پوائنٽ تائين هيٺ هلي وئي. مارڪيٽ کلڻ بعد هڪ موقعي تي 40 پوائنٽ پلس ٿي پر ان بعد ريڊ زون ۾ گهمندي رهي ۽ 1349.60 يعني 3.47 سيڪڙو ڪري پئي. هڪ ڏينهن ۾ اها وڏي گهٽتائي آهي. 100 انڊيڪس 38342.21 تي ڪلوز تي آهي.










