ڪراچي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج (پي ايس ايڪس) ۾ واپاري هفتي دوران ملا جلا رجحان ڏٺو ويو.هفتي دوران اسٽاڪ مارڪيٽ جي 100 انڊيڪس ۾ 609 پوائنٽس جو اضافو ٿيو، جنهن کان پوءِ 100 انڊيڪس 139,207 پوائنٽس تي بند ٿيو.واپاري هفتي دوران 100 انڊيڪس 2052 پوائنٽس جي بينڊ اندر رهيو.واپاري هفتي دوران 100 انڊيڪس پڻ 140,202 پوائنٽس جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو.










