ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج (پي ايس ايڪس) ۾ واپاري هفتي دوران ملا جلا رجحان ڏٺو ويو، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس هفتي دوران 502 پوائنٽس گهٽجي ويو، جنهن کان پوءِ ڪاروبار 163,304 پوائنٽس تي بند ٿيو،اسٽاڪ مارڪيٽ جو هينڊريڊ انڊيڪس واپاري هفتي دوران 5372 پوائنٽس جي بينڊ ۾ رهيو، واپاري هفتي دوران 100 انڊيڪس جي بلند ترين سطح 168,414 پوائنٽس هئي، جڏهن ته گهٽ ۾ گهٽ سطح 163,041 پوائنٽس هئي، واپاري هفتي دوران، 7.41 ارب شيئرز 248 ارب رپين ۾ واپار ڪيا ويا، جنهن سان مارڪيٽ سرمائيداري 153 ارب رپين کان گهٽجي 18,814 ارب رپيا ٿي وئي.










