اسلام آباد ۽ پنڊي ۾ رستا کلي ويا، موبائل انٽرنيٽ عارضي  بحال

اسلام آباد ۽ پنڊي ۾ رستا کلي ويا، موبائل انٽرنيٽ عارضي بحال

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ مذهبي جماعت جي احتجاج سبب بند ٿيل ڪجهه روڊ کوليا ويا آهن، احتجاج جي ڪري راڄڌاني اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي شاهراهن تي اڃا تائين ڪنٽينر بيٺل آهن،ماڻهن جي مشڪلاتن کي نظر ۾ رکندي،گڏيل شهرن جي ڪجهه اهم روڊن کي جزوي طور تي کوليو ويو آهي، راولپنڊي ۾ شهر جي اندروني رهائشي علائقن ڏانهن ويندڙ رستا ٽريفڪ لاءِ کوليا ويا آهن، جڏهن ته مري روڊ سان ملندڙ علائقن جي گهٽين مان رڪاوٽون پڻ هٽايون ويون آهن، اسلام آباد ايڪسپريس وي ۽ نائين ايونيو کي ڊبل روڊ سان ڳنڍيندڙ رستو پڻ جزوي طور تي ٽريفڪ لاءِ کوليو ويو آهي، جڏهن ته، راولپنڊي ۽ اسلام آباد کي ڳنڍيندڙ آءِ جي پي روڊ ۽ فيض آباد انٽرچينج اڃا تائين سيل آهن، موٽر وي پوليس جو چوڻ آهي ته لاهور کان اسلام آباد تائين ايم 2 موٽر وي ٽريفڪ لاءِ کوليو ويو آهي ۽ ٽريفڪ معمول مطابق هلي رهي آهي، ٽريفڪ پوليس رستن بابت نئون پلان جاري ڪندي چيو ته راولپنڊي ۾ 43 هنڌن مان 6 مڪمل طور تي کوليا ويا آهن ۽ 35 هنڌن کي جزوي طور تي کوليو ويو آهي، رپورٽ موجب، ٽوئن شهرن ۾ ميٽرو بس سروس ۽ مقامي ٽرانسپورٽ اڃا تائين بند آهي، جنهن جي ڪري ريلوي اسٽيشن تي مسافرن جو رش وڌي ويو آهي، ڪالهه ٽوئن شهرن ۾ مختلف هنڌن تي شهرين ۽ پوليس اهلڪارن وچ ۾ تلخ ڪلامي جا واقعا پڻ ٿيا، ايمبولينس روڊن تي ڦاسي پيون ۽ مريضن جا خاندان هدايتون پڇندا رهيا، هڪ ٻار جي ماءُ روئيندي رهي پر هوءَ اسپتال نه پهچي سگهي، جڏهن ته هڪ ڪمزور مريض جي حالت خراب ٿيڻ تي کيس ايمبولينس ۾ ڊرپ ڏني وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو