اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ برسات، 2 فوت، گاڏيون لڙهي ويون

اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ برسات، 2 فوت، گاڏيون لڙهي ويون

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ رات کان ٿيندڙ مسلسل برسات ھيٺانھين وارا علائقا ٻڏي ويا، ڪيترن ئي گھرن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو ۽ اي اليون سيڪٽر ۾ ڪيتريون ئي گاڏيون برساتي پاڻي ۾ لڙهي ويون. ڊي سي اسلام آباد جو چوڻ آهي ته اِي اليون ۾ ڪلائوڊ برسٽ يعني ڪڪر ڦاٽڻ سبب وڏو مينهن وٺو پر موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪلائوڊ برسٽ ناهي ٿيو. اي اليون 2 ۾ هڪ گهر جي بيسمينٽ ۾ ماءُ ۽ پٽ ٻڏي فوت ٿي ويا آهن. ايِ اليون جي ڀر وارن ايف اليون ۽ جي اليون ۾ 5 ٻن کان 5 ڪلوميٽرن جو فاصلو آهي پر انهن سيڪٽرن ۾ ايترو مينهن ناهي وٺو.

جاڙن شھرن ۾ رات کان شروع ٿيندڙ برسات جو سلسلو اڃان تائين وقفي وقفي سان جاري آھي ۽ صرف اسلام آباد ۾ 336 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ٿي چڪي آھي، سي ڊي اي انتظاميا جو چوڻ آهي ته 95 سيڪڙو علائقن جا روڊ رستا ڪليئر ڪيا ويا آهن، سيڪٽر اِي اليون سي ڊي اي ڪنٽرول ۾ ناهي، تيز برسات سبب لئي نالي ۾ پاڻي جي سطح ۾ لاڳيتو اضافو ٿيو هو جيڪو صبح جو  4 فٽ گهٽ ٿي ويو، فوجي جوانن سول انتظاميا سان گڏ امدادي ڪاررواين ۾ حصو وٺي رهيا آهن. آءِ ايس پي آر موجب فوجي جٿا شهرين کي محفوظ هنڌ منتقل ڪرڻ ۾ رڌل آهن، انتظاميا جو چوڻ آهي ته راول ڊيم جي سطح هڪ فُٽ وڌي ته اسپل ويز کوليا ويندا، مري، گجرات، مالاڪنڊ، مظفر آباد، نيلم جهلم ۾ به برسات، جهلم درياءَ ۾ پاڻي جي سطح وڌي وئي آهي. اٽڪ ۽ مانسهرو سميت ڪاغان ۽ ناران ۾ برسات ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب رستا ڪٿي ڪٿي بند آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو