اسلام آباد پوليس ۾ پهرين سنڌي جي ايس پي جي عهدي تي ترقي

اسلام آباد پوليس ۾ پهرين سنڌي جي ايس پي جي عهدي تي ترقي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي گادي واري شهر جي ٻن پوليس آفيسرن کي ڊي ايس پي مان ايس پي جي عهدي تي ترقي ڏئي کين رينڪ لڳايا ويا. جن ۾ منور علي مهر ۽ ڪاظم نقوي شامل آهن. آءِ جي اسلام آباد ڊاڪٽر اڪبر ناصر خان ۽ ڊي آءِ جي هيڊ ڪوارٽر ٻنهي آفيسرن کي رينڪ لڳايا.


منور علي مهر 1987 ۾ اسلام آباد پوليس ۾ اي ايس آءِ ڀرتي ٿيو هو ۽ پهريون نان سي ايس پي سنڌي ايس پي آهي جنهن سپرنٽنڊنٽ پوليس يعني ايس پي جي عهدي تي ترقي ماڻي آهي. منور علي مهر اصل ۾ شڪارپور جي شهر عبدو جو آهي. هو 10 سال اسلام آباد جي مختلف ٿاڻن تي ايس ايڇ او رهيو ۽ بهارا ڪهو سميت مختلف سب ڊويزنن ۾ ايس دي پي او يعني ڊي ايس پي رهيو. منور مهر اڄڪلهه چيف اليڪشن ڪمشنر جو چيف سيڪورٽي آفيسر آهي. هن کان اڳ ياسين ڪلوڙ اسلام آباد پوليس ۾ ڊي ايس پي جي عهدي تي پهتو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو