اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي اسلام آباد پريس ڪلب ۾ داخل ٿي صحافين تي پوليس تشدد جو نوٽيس وٺني انڪوائري جو حڪم ڏنو آهي، هن آءِ جي اسلام آباد کي چيو آهي ته ذميوارن جو تعين ڪيو وڃي. هن جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته صحافي برادري خلاف تشدد ڪنهن به صورت قبول ناهي. ٻئي پاسي انساني حقن جي ڪميشن پاران جاري ڪيل بيان ۾ واقعي جي مذمت ڪندي ذميوارن خالف ڪاروائي جو مطالبو ڪيو ويو آهي. گهرو کاتي جي مملڪتي وزير طلال چوڌري صحافين جي اڳواڻ افضل بٽ سان گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ غير مشروط معافي گهرندي واقعي جي نه رڳو مذمت ڪئي پر مڪمل جاچ جي به خاطري ڪرائي. اطلاعات جي وفاقي وزير عظا تارڙ به واعي جي مذمت ڪندي چيو ته هو صحافين سان گڏ آهي، حڪومت پريس ڪلب تي پوليس چڙهائي جي اجازت ناهي ڏني. افضل بٽ چيو آهي ته هي غيرمعمولي واقعو آهي، اڄ اسلام آباد پريس ڪلب تي پوليس حملو ڪيو آهي، سڀاڻي لاهور، ڪراچي، ڪوئٽا ۽ پشاور تي به ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته اسين سڀني شهرن جي ساٿين جي مشاورت بعد احتجاج ۽ مطالبن جي فهرست پيش ڪنداسين. ان کان اڳ اسلام آباد پوليس نيشنل پريس ڪلب ۾ داخل ٿي، ڪيفيٽيريا ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي، پوليس تشدد جي ڪوريج ڪدڙ صحافين کي روڪيو ۽ هال ۾ داخل ٿي هڪ شخص کي فرش تي ڪيرائي مٿس چار کان پنج اهلڪارن لٺيون وسايون. هڪ فوٽو گرافر جي پٺيان کان شرٽ ڦاڙي سندس ڪيمرا پوليس ڀڃي ڇڏي. آزاد ڪشمير عوامي ايڪشن ڪميٽي جي سرپرستي ۾ اسلام آباد ۾ نيشنل پريس ڪلب جي ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (پي ايف يو جي) جي صدر افضل بٽ جو چوڻ آهي ته پريس ڪلب جي عهديدارن سان رابطو نه ڪيو ويو، ۽ پريس ڪلب جي عهديدارن ۽ ملازمن تي تشدد ڪيو ويو.افضل بٽ چيو ته پوليس کي پريس ڪلب ۾ داخل ٿيڻ جو جواب ڏيڻو پوندو، ۽ پوليس جي هن ڪارروائي خلاف سخت احتجاج ڪنداسين. پوليس ڪئميرامينن جا ڪيمرا ۽ موبائل فون کسڻ جي ڪوشش ڪئي.پاڪستان جي انساني حقن جي ڪميشن پريس ڪلب ۾ پوليس تشدد جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته پريس ڪلب ۾ پوليس تشدد جي واقعي جي فوري طور تي جاچ ڪئي وڃي ۽ تشدد جي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
نيشنل پريس ڪلب تي حملو تاريخ جو سڀ کان ڪارو ۽ بدترين واقعو آهي: پي ايف يو جي صدر
پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (پي ايف يو جي) جي صدر افضل بٽ چيو آهي ته نيشنل پريس ڪلب، اسلام آباد تي پوليس اهلڪارن پاران حملو تاريخ جو بدترين ۽ ڪارو ترين واقعو آهي. اسلام آباد پريس ڪلب ۾ پوليس اهلڪارن جي زبردستي داخل ٿيڻ ۽ صحافين ۽ ملازمن تي تشدد خلاف پريس ڪانفرنس ڪندي، پي ايف يو جي جي صدر افضل بٽ چيو ته اسان مارشل لا، ايمرجنسي ۽ ايمرجنسي پلس ڏٺي آهي، اهڙا واقعا ان دور ۾ به نه ٿيا هئا، جيڪڏهن پوليس يا رياستي ادارن پاران گهربل ڪو شخص پريس ڪلب اندر ايندو هو ته قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪار ٻاهر بيٺا هوندا هئا ته جيئن گهربل شخص ٻاهر اچي قانوني ڪارروائي ڪري سگهي، هن چيو ته اڄ جو واقعو ڪو عام واقعو نه پر پاڪستان جي تاريخ جو بدترين واقعو آهي، وفاقي پوليس اهلڪار پريس ڪلب ۾ داخل ٿيا ۽ ملڪيت کي نقصان پهچايو، باورچي خاني ۾ داخل ٿيا ۽ برتن ڀڃي ڇڏيا، ۽ ان دوران انهن اتي موجود فوٽوگرافرن ۽ وڊيو صحافين تي تشدد ڪيو، افضل بٽ موجب پوليس اهلڪار ڳالهائڻ بدران ڪلب انتظاميا ۽ عملدارن تي تشدد ڪرڻ شروع ڪيو، پي ايف يو جي صدر وڌيڪ چيو ته جڏهن اسان جي ماڻهن انهن آفيسرن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته انهن ۽ ڪلب جي ملازمن تي به تشدد ڪيو ويو، جڏهن ته تشدد ڪندڙن ٻن ملازمن کي به گرفتار ڪري پاڻ سان گڏ وٺي ويا افضل بٽ چيو ته بدقسمتي واري واقعي خلاف هڪ هنگامي اجلاس سڏايو ويو آهي، صلاح مشوري سان، اسان تشدد ۾ ملوث پوليس اهلڪارن خلاف مستقبل جي حڪمت عملي ۽ حڪومتي ڪارروائي تي بحث ڪنداسين، جيڪڏهن اسان پريس ڪلب ۾ هن بدترين واقعي تي اکيون بند ڪيون ته اهڙا واقعا ٻين شهرن ۾ به ٿي سگهن ٿا.پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي صدر وڌيڪ چيو ته پريس ڪلب صحافين جو ٻيو گهر آهي، اسان عملدارن کي اسان جي گهر ۾ داخل ٿيڻ ۽ اسان تي تشدد ڪرڻ ۽ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين.ان موقعي تي وفاقي مملڪتي وزير داخلا طلال چوڌري چيو ته اسان هن واقعي لاءِ غير مشروط معافي گهرون ٿا، گهرو وزير محسن نقوي ان حوالي سان اندروني جاچ جو حڪم ڏنو آهي.طلال چوڌري وڌيڪ چيو ته ڪشمير ايڪشن ڪميٽي جا ڪجهه ماڻهو احتجاج ڪري رهيا هئا، ۽ پوليس اهلڪار انهن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪلب ڏانهن ڀڄائي ويا.










