اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فارن ايڪسچينج ايڪٽ تحت داخل ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي ضمانت واري درخواست غير موثر قرار ڏئي ڇڏي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي وڪيل سلمان صفدر عدالت کي ٻڌايو ته عمران خان گذريل ڏينهن ٽرائل ڪورٽ آڏو سرنڊر ڪيو هو. چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته پوءِ هي ڪيس غير موثر ٿي ويو آهي.وڪيل سلمان صفدر چيو ته هو عدالت آڏو 2 نقطا رکڻ چاهي ٿو، پوءِ عدالت فيصلو ڪري، اهو معاملو جسٽس محسن اختر ڪياني جي عدالت ۾ آهي، هن ٽرائل ڪورٽ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.عدالت چيو ته جيڪڏهن اهڙن ڪيسن ۾ شريڪ جوابدارن جو ڪيس التوا ۾ آهي ته اهو معاملو حل ڪيو ويندو.ان موقعي تي ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي درخواست ڪئي ته آرڊر درست ڪيو وڃي.ڪيس ٻي عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ هئڻ سبب عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي.سپريم ڪورٽ هدايت ڪئي ته جسٽس محسن اختر ڪياني ٽرائل ڪورٽ جو دائرو اختيار ڪندي.










