اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سليمان شهباز کي ايئرپورٽ تي گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سليمان شهباز کي ايئرپورٽ تي گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وزيراعظم جي پٽ سليمان شهباز کي 13 ڊسمبر تائين عدالت آڏو پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق سليمان شهباز جي حفاظتي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.سليمان شهباز جي وڪيل امجد پرويز ايڊووڪيٽ ٻڌايو ته سليمان شهباز ايف آءِ آر داخل ٿيڻ کانپوءِ آڪٽوبر 2018 کان پرڏيهه ۾ آهي، جنهن تي عدالت چيو ته درخواستگذار جي غير موجودگي ۾ حفاظتي ضمانت نٿي ڏئي سگهجي.امجد پرويز چيو ته سليمان شهباز 11 ڊسمبر تي پاڪستان واپس ايندو، اختيارين کي استدعا آهي ته ايئرپورٽ تان پهچڻ تائين سليمان شهباز کي گرفتار ڪرڻ کان روڪيو وڃي.ان موقعي تي وڪيل امجد پرويز ايڊووڪيٽ سليمان شهباز جي هوائي ٽڪيٽ به اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪئي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سليمان شهباز جي درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي کيس وطن واپسي تي ايئرپورٽ تي گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ سليمان شهباز کي 13 ڊسمبر تائين عدالت آڏو پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو