هاءِ ڪورٽ جي ججن جو ايندڙ هفتي لاءِ ڊيوٽي روسٽر جاري

هاءِ ڪورٽ جي ججن جو ايندڙ هفتي لاءِ ڊيوٽي روسٽر جاري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايندڙ هفتي ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندڙ ججن جو ڊيوٽي روسٽر جاري ڪيو ويو آهي.چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عامر فاروق جي هدايتن تي ڊپٽي رجسٽرار ججن جو ڊيوٽي روسٽر جاري ڪيو.6 ججز ايندڙ هفتي 29 جولاءِ کان 2 آگسٽ تائين موجود هوندا جڏهن ته جسٽس محسن اختر ڪياني موڪلن کانپوءِ وطن واپس پهچي ويو آهي.جسٽس محسن اختر ڪياني جي سربراهي ۾ لارجر بينچ 30 جولاءِ تي گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي.ايندڙ هفتي ڪيسن جي ٻڌڻي لاءِ 6 سنگل ۽ 3 ڊويزن بينچ جوڙيا ويا آهن.جسٽس ثمن رفعت امتياز 29 جولاءِ کان 31 جولاءِ تائين ڪيس جي ٻڌڻي ڪندو.جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان ۽ جسٽس بابر ستار اڄ به اونهاري جي موڪلن تي آهن.اسپيشل ڊويزن بينچ ۽ لارجر بينچ به ايندڙ هفتي ضرورت موجب موجود هوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو