اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جو ايندڙ هفتي لاءِ روسٽر جاري

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جو ايندڙ هفتي لاءِ روسٽر جاري

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جو ايندڙ هفتي لاءِ ڊيوٽي روسٽر جاري ڪيو ويو آهي. چيف جسٽس سرفراز ڊوگر جي منظوري سان رجسٽرار هاءِ ڪورٽ ڊيوٽي روسٽر جاري ڪري ڇڏيو آهي، ايندڙ هفتي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ 9 سنگل بينچ ۽ 5 ڊويزن بينچ موجود هوندا. روسٽر موجب جسٽس بابر ستار ۽ جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان جي سنگل بينچ ختم ڪري ڪئي وئي ۽ ٽيڪس سان لاڳاپيل ڪيسن لاءِ ٻنهي ججن جي هڪ خاص ڊويزن بينچ ٺاهي وئي آهي. جسٽس بابر ستار ۽ جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان جي عدالت ۾ ڪيس ٻين بينچن ڏانهن منتقل ڪيا ويا آهن، روسٽر موجب ڊاڪٽر عافيه صديقي ڪيس جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان جي عدالت کان جسٽس انعام امين منهاس ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي، جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان وزيراعظم ۽ وفاقي ڪابينا کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪيا هئا.جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪيا هئا ۽ 1 سيپٽمبر تائين جواب طلب ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو