اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد موٽر وي تي اينٽي نارڪوٽڪس فورس جي اهلڪارن ڪارروائي دوران ٻن ڪارن مان 120 ڪلوگرام منشيات هٿ ڪري ورتي.ترجمان موجب اي اين ايف اهلڪارن موٽر وي جي اسلام آباد انٽرچينج تي چيڪنگ دوران 2 ڪارن جي تلاشي ورتي، جن مان هڪ ڪار نمبر ANK 759 ۽ AZS 283 وٽان 103 ڪلو 200 گرام چرس ۽ 16 ڪلو 800 گرام چرس هٿ ڪئي وئي.ترجمان موجب ٻنهي ڪارن مان 4 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن جو تعلق هريپور ۽ پشاور سان آهي.اي اين ايف جي ترجمان موجب هڪ ٻي ڪارروائي دوران جي ٽي روڊ تي ترنول ويجهو ٽرڪ مان سندن اهلڪارن وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ ڪئي، ٽرڪ مان هٿ آيل منشيات ۾ 120 ڪلو چرس ۽ 108 ڪلوگرام آفيم شامل آهي.هن چيو ته منشيات فروشن جي الزام ۾ ٽرڪ جي ڊرائيور سميت ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.جوابدارن خلاف اينٽي نارڪوٽڪس ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.










