گڏيل قومن پاران فلسطين مان اسرائيل جي نڪرڻ جو ٺهراءُ منظور

گڏيل قومن پاران فلسطين مان اسرائيل جي نڪرڻ جو ٺهراءُ منظور

نيويارڪ: (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي اڱاري تي هڪ قرارداد منظور ڪئي آهي جنهن ۾ والاريل فلسطيني علائقن مان اسرائيل فوج جي انخلا جو مطالبو ڪيو ويو آهي.قرارداد فلسطين جي سوال جي پرامن حل جي عنوان سان پيش ڪئي وئي، جنهن جي حق ۾ 151 ملڪن ووٽ ڏنو. 11 مخالفت ڪئي ۽ 11 ووٽ ڏيڻ کان پاسو ڪيو.قرارداد ۾ وچ اوڀر امن عمل جي سمورن اهم معاملن تي ڀروسي جوڳيون ڳالهيون فوري طور تي شروع ڪرڻ ۽ ماسڪو ۾ هڪ عالمي امن ڪانفرنس گهرائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو. جنرل اسيمبلي اسرائيل کان مطالبو ڪيو ته اهو عالمي قانون جي مڪمل پاسداري ڪري، غير قانوني قبضو ختم ڪري، نئين آبادڪاري روڪي ۽ والاريل فلسطيني علائقن مان سموري يهودي آبادڪارن کي نيڪالي ڏني وڃي.قرارداد ۾ چيو ويو ته غزه ۾ ڪنهن به قسم جي آبادياتي يا جغفرائي تبديلي کي رد ڪيو وڃي ٿو، غزه ۽ مغربي ڪناري کي فلسطيني اٿارٽي جي تحت متحد ڪرڻ گهرجي. وڌيڪ چيو ويو ته اسرائيل کي 1967ع کان قبضي ۾ ورتل سمورن فلسطيني علائقن مان انخلا ڪرڻو پوندو ته جيئن فلسطيني عوام پنهنجا بنيادي حق، حق خود اراديت جو استعمال ڪري سگهي.پاڪستان جو گڏيل قومن ۾ مستقل سفير اسامه افتخار احمد بحث جي دوران چيو ته دنيا کي پنهنجن واعدن کي عمل ۾ تبديل ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان فلسطيني عوام جي جدوجهد آزادي، خودمختاري، امن ۽ انصاف جي مطالبي جي مڪمل حمايت ڪري ٿو. هن زور ڏنو ته غزه ۾ سيز فائر جو مڪمل لاڳو، اسرائيلي فوج جو انخلا، انساني امداد جي بنا رنڊڪ جي فراهمي ۽ غزه جي فوري تعمير تمام گهڻو ضروري آهن.پاڪستاني سفير چيو ته والاريل علائقن جي ڪابه جبري تبديلي، ورهاست، الحاق يا جبري بي دخلي عمل ڪرڻ جوڳي نه آهي. هن انهي ڳالهه تي به زور ڏنو ته صرف هڪ سياسي رستو ئي پائيدار امن آڻي سگهي ٿو. يعني 1967ع جي سرحدن تي هڪ خودمختار، مڪمل، آزاد ۽ جغفرافيائي طور تي متصل فلسطيني رياست جو قيام جنهن جو راڄڌاني مشرقي يروشلم(القدس الشريف) هجي.

پهنجو تبصرو موڪليو