ايران (ويب ڊيسڪ) ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي غزا ۾ جاري اسرائيلي بمباري فوري روڪڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته اسرائيل جا ڏوهه جاري رهيا ته سڄي دنيا جي مسلمانن ۽ مزاحمتي قون کي ڪو به نٿو روڪي سگھي. پنهنجي بيان ۾ آيت الله خامنه اي چيو ته اسرائيلي اختيارين کي انهن جي ڏوهن لاءِ ڪٽهڙي ۾ آڻڻ گھرجي. هن چيو ته والاريل فسلطين جي اسرائيلي سيٽلمينٽس ۾ شهري نه هٿياربند ترسيل آهن.










