اسرائيل-فلسطين ڇڪتاڻ،سلامتي ڪائونسل جو اجلاس بنا نتيجي ختم

اسرائيل-فلسطين ڇڪتاڻ،سلامتي ڪائونسل جو اجلاس بنا نتيجي ختم

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ)اسرائيل-فلسطيني ڇڪتاڻ تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو بند ڪمري جو هنگامي اجلاس بي نتيجي رهيو.آمريڪا ۽ اسرائيل جي مطالبن جي باوجود ڪيترن ئي ميمبرن حماس جي حملن جي مذمت نه ڪئي.آمريڪا سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ اتفاق راءِ نه ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.خابرو اداري موجب روس سلامتي ڪائونسل جي ٻين ميمبر ملڪن سان اتفاق نه ڪيو.روسي سفير چيو ته ملاقات ۾ هن فوري جنگ بندي ۽ بامقصد ڳالهين تي زور ڏنو، سلامتي ڪائونسل کي فلسطين جي حوالي سان ڏهاڪا اڳ طئي ٿيل معاهدي تي عمل ڪرڻ گهرجي.چين جي سفير چيو ته اها غير معمولي ڳالهه آهي ته سلامتي ڪائونسل ڪجهه به نه چيو آهي، شهرين خلاف سمورن حملن جي مذمت ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو