اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي احتجاج، گوڙ ۽ نامنظور جي نعرن ۾ سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي هٿان سينيٽر طور حلف کڻي ورتو. حلف ۾ ڊار عهد ڪيو ته هو پنهنجا فرض ايمانداري ۽ شفافيت سان سرانجام ڏيندو. حلف برداري کانپوءِ سنجراڻي ڊار کي سينيٽ جي ميمبر طور ڀليڪار ڪيو. ڊار هاڻي پاڪستان جي ناڻي واري وزير طور حلف کڻڻ لاءِ تيار آهي. ان کان اڳ ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ وزيراعظم شهباز شريف جي حوالي ڪري ڇڏي هئي. سينيٽ اجلاس دوران پي ٽي آءِ ميمبرن چيو ته ڊار تي ڪيترائي ڪيس التوا ۾ آهن جڏهن ته قانون واري وزير، اعظم نذير تارڙ نشاندهي ڪئي ته 2018ع ۾ صدر پاڪستان جو عهدو سنڀاليندڙ عارف علوي تي به ڪيس التوا ۾ هئا. پي ٽي آءِ اڳواڻ شهزاد وسيم چيو آهي ته ملڪ هڪ خاندان جي ملڪيت بڻجي رهيو آهي، جنهن ماضي ۾ معيشت کي تباهه ڪيو ان کي هڪ ڀيرو ٻيهر انچارج بڻايو ويو آهي. ڊار رپئي جي استحڪام ۽ مضبوط ٿيڻ جي اميد سان سومر تي پاڪستان پهتو. هن ميڊيا کي ٻڌايو ته هو معيشت کي مضبوط ڪرڻ چاهي ٿو جتي هن 2017 واري دور ۾ ڇڏي هئي ساڳئي حالت ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪندو. ڊار چوٿون ڀيرو ناني واري وزير جو حلف کڻندو. هن تي ڪرپشن جو ڪيس هو جنهن ۾ پيش نه ٿيڻ تي کيس عدالت روپوش قرار ڏئي گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا هئا. جيڪي سندس وڪيل جي درخواست تي معطل ڪندي کيس 7 آڪٽوبر تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته اسان جي مسئلن ۾ رپئي جي مصنوعي قدر آهي، مهانگائي وڌي وئي آهي ۽ يوٽيلٽي اسٽورن تي اگهه وڌڻ به مسئلن ۾ شامل آهي. هن چيو ته هو گذريل رات پاڪستان پهتو، ڊالر جي قيمت ۾ 10 رپين جو فرق آيو آهي، 24 ڪلاڪن کان به گهٽ عرصي ۾ پاڪستان جو قرض 1350 ارب کان گهٽجي ويو آهي. هن چيو ته 1999ع ۾ ڊالر جو مقرر ڪيل ريٽ مارڪيٽ بيس هو، هتان جا ماڻهو پاڪستاني رپئي کي يرغمال نٿا رکي سگهن، نه ماضي ۾ پاڪستاني رپئي کي يرغمال بڻائڻ جي اجازت ڏني ۽ نه ئي مستقبل ۾ ڏينداسين. اسحاق ڊار چيو ته گذريل بل ۾ وڌيڪ تبديليون اچڻ گهرجن.










