استور سميت مختلف علائقن ۾ برفباري

استور سميت مختلف علائقن ۾ برفباري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)گلگت بلتستان جي ضلعي استور سميت ڪيترن ئي مٿانهين علائقن ۾ برفباري سبب ضلعي هيڊ ڪوارٽرز سان زميني رابطو ڪٽجي ويو.گذريل ڪيترن ئي ڪلاڪن کان وقفي وقفي سان برفباري ٿي رهي آهي.غذر ۽ استور سميت گلگت بلتستان جي مٿانهين علائقن ۾ برفباري سبب آمد و رفت ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.علائقي ۾ برفباري ۽ سرد موسم سبب ڪاٺ ۽ گيس جي گهرج وڌي وئي آهي.اهڙي صورتحال ۾ ڪاٺ جا اگهه به وڌي ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو