استنبول ۾ ڌماڪي جو جوابدار گرفتار، ڪردش تنظيم ملوث نڪتي

استنبول ۾ ڌماڪي جو جوابدار گرفتار، ڪردش تنظيم ملوث نڪتي

استبول(ويب ڊيسڪ)ترڪي جي شهر استنبول ۾ ٿيل ڌماڪي جي جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو. ترڪ گهرو وزير موجب شڪي شخص استنبول جي استقلال اسٽريٽ تي بم نصب ڪيو هو، جڏهن ته ترڪ وزير حملي جو ذميوار ڪردستان ورڪرز پارٽي کي قرار ڏنو آهي، ان کان اڳ ترڪ صدر حملي جو ذميوار عورت کي قرار ڏنو هو. ترڪي جي گهرو وزارت جو چوڻ آهي ته استنبول ڌماڪي ۾ هڪ ننڍڙي ڇوڪري به مارجي وئي. گهرو وزارت موجب حملي ۾ ڪرد دهشتگرد تنظيم پي ڪي ڪي ملوث آهي. واضح رهي ته استنبول ۾ ٿيل بم ڌماڪي ۾ 6 ڄڻا مارجي ويا ۽ 81 زخمي ٿيا هئا. ڌماڪي جي وقت سياحن جو وڏو انگ موجود هو ۽ آچر جو ڏينهن هجڻ ڪري بسڪ اسڪوائر تي سياحن جو رش هو. ڌماڪي جي وقت جي سي سي ٽي وي وڊيو به سامهون آئي آهي، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته سياحن جو وڏو انگ واقعي واري هنڌ موجود هو ۽ ڌماڪي کانپوءِ افراتفري پکڙجي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو