اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته اسان ڳالهين جي ڪري راولپنڊي ۾ ٿيندڙ جلسو ملتوي ڪيو.صوابي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته پاڪستان ۾ آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڳالهيون ڀليڪار آهن، اسان نٿا چاهيون ته حڪومت پي ٽي آءِ تي الزام لڳائڻ جو ڪو سبب ڳولي.هن چيو ته جيئن آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ امن لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن، اهڙي طرح اسان کي پنهنجي پاڙيسرين سان به ڳالهيون ڪرڻ گهرجن.










