سنڌ حڪومت پاران ٻوڏ متاثرن جي امداد جو سلسلو جاري آهي: مرادشاهه

سنڌ حڪومت پاران ٻوڏ متاثرن جي امداد جو سلسلو جاري آهي: مرادشاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت پاران ٻوڏ متاثرن جي امداد جو سلسلو جاري آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه دادو ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ ٽينٽ سٽي جو دورو ڪيو ۽ متاثرن سان ان جي خيريت معلوم ورتي ۽ انهن يقين ڏياريو ته ۽ امداد جي باري ۾ معلومات ورتي ۽ ان کي يقين ڏياريو ته ان جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي ۽ ان کي ڪنهن به صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏيو ويندو. سنڌ جي روينيو واري وزير مخدوم محبوب الزمان جي هدايتن تي ڊپٽي ڪمشنر مٽياري محمد عدنان رشيد جي صدارت ۾ پوري ضلعي ۾ متاثرن جي لاءِ امدادي سرگرميون تيزي سان جاري آهن، ماڻهن ۽ جانورن جي علاج لاءِ موبائل ٽيمون پڻ روانو ٿي ويون آهن. صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر عذرا پيچوهو جي خاص هدايتن تي صحت کاتي گهوٽڪي برسات کان متاثر علائقن ۾ بيمارين کان محفوظ رهڻ لاءِ آگاهي مهم جي شروعات ڪري ڇڏي آهي جتي ليڊي هيلٿ ورڪرز جي ٽيمون احتياطي تدبيرن جي باري ۾ آگاهي فراهم ڪري رهيون آهن. مون سون برساتن جي بعد ٻوڏ جي صورتحال جي دوران گهوٽڪي ضلعي جي 62 هزار متاثرن جو طبي معائنو ڪيو، مفت دوائون فراهم ڪيون ۽ انهن کي مليريا، گيسٽرو، ڊائريا، اکن ۽ چمڙي جي بيمارين جو علاج فراهم ڪيو. ٻئي طرف گهوٽڪي ضلعي ۾ برسات جي متاثرن جي هڪ لک ڍورن کي مختلف بيمارين کان بچاءُ جا هڪ لک ٽيڪا لڳايا ويا جڏهن ته 2 هزار 916 بيمار جانورن جو علاج پڻ ڪيو ويو. ڊويزنل ڪمشنر/چيئرمين ڊويزنل ٽاسڪ فورس سيد اعجاز علي شاهه ڊويزنل ٽاسڪ فورس جي ميمبرن جي اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ ڊي آئي جي ميرپورخاص/ميمبر ذوالفقار علي مهر، ڊائريڪٽر نارا ڪينال ايريا واٽر بورڊ/ڪوآرڊينيٽر منصور احمد ميمڻ، ڊپٽي ڪمشنر/ميمبر زين العابدين ميمڻ، ميمبرن سميت ميجر پاڪ آرمي، ايڊيشنل ڪمشنر ون ڊاڪٽر علي نواز بوت ۽ ٻين واسطيدار آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي برسات ۽ ٻوڏ جي نتيجي ۾ ٿيڻ وارن نقصانن کان بچاءُ لاءِ نيڪال جا بهتر انتظامن سميت مختلف جڳهن تي مرحليوار ڪٽن تي پڻ غور ڪيو ويو. خيرپور ۾ برسات کان متاثر علائقن ۾ صحت جون سهولتن جي فراهمي سان گڏ عوام، ٻهراڙي ۾ رهندڙ متاثرن کي گهر جي ڪمن ۽ ٻين معاملن جي انجام تائين مليريا، ڊائريا، گيسٽرو سميت ٻين وبائي بيمارين کان بچاءُ جي سلسلي ۾ سنڌ حڪومت جي حڪمن جي روشني ۾ ڊپٽي ڪمشنر نور احمد سمون جي هدايتن تي پاڪستان ميڊيڪل ايسوسي ايشن پاران عوام ۾ آگاهي ڏني پئي وڃي. خيرپور ۾ سنڌ جي وڏي وزير پاران سکر ڊويزن جي لاءِ مقرر ڪيل فوڪل پرسن نواب علي وساڻ جو برسات متاثر علائقن جي دورو جاري متاثرن ۾ راشن ۽ نقد رقم تقسيم ڪئي جڏهن ته وساڻ هائوس خيرپور ۾ نواب علي وساڻ پوري ضلعي جي اٺن تعلقن سان واسطو رکڻ وارن شهرين سان ملاقات ڪئي ۽ انهن جا مسئلا ٻڌا ۽ واسطيدار آفيسرن کي عوام جي مسئلن کي فوري طور حل ڪرڻ جا حڪم ڏنا. ان موقعي تي نواب علي وساڻ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ملڪ ۾ درپيش مسئلن کي حل ڪرڻ جي صلاحيت رکندا آهن هن ملڪ ۾ ڪوئي عوامي ليڊر آهي ته اهو بلاول ڀٽو زرداري آهي جيڪو ملڪ جي عوام جي عملي خدمت ۾ پيش پيش آهي. عمرڪوٽ ۾ ڊپٽي ڪمشنر ايم بي راجا ڌاريجو ريليف ڪيمپن ۾ صحت جون سهولتون گهٽ هجڻ جي شڪايتن جي ازالي لاءِ اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ غلام حسين ڪانهيو ۽ ڊي ايڇ او ڊاڪٽر فريد هنگورجو کي هدايت ڪئي آهي ته ضلعي ۾ جيڪي صحت کاتي جون ٽيمون ڪم ڪري رهيون آهن انهن جي ٻهراڙي تائين نه پهچڻ جي ڪري مليريا، گيسٽرو، چمڙي جي بيمارين ۽ ٻين بيماريون ڦهيلجي رهيون آهن جنهن کي فوري ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ٻهراڙي ۾ ميڊيڪل ٽيمون موڪليون وڃن ڪابه ڪوتاهي هرگز برداشت نه ڪئي ويندي. ڊپٽي ڪمشنر جي هدايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ڊي ايڇ او عمرڪوٽ جي ريليف ڪيمپن جو دورو ڪيو ۽ سهولتن جي لاڳاپيل متاثرن کان معلومات ورتي ۽ ميڊيڪل ٽيم کي متاثرن سان تعاون ڪرڻ جي هدايت ڪئي. چيف انجنيئر آبپاشي ڊولپمينٽ حيدرآباد اڪرام الحق قريشي خيرپور پهچي ڪري ڊپٽي ڪمشنر نور احمد سمون سان ڊي سي آفيس ۾ ملاقات ڪئي ۽ برسات کان متاثر علائقن، تعلقن جي باري ۾ سمورن لاڳاپيل آفيسرن، پاڪ آرمي انجنيئرنگ ڪور سميت ٻين سان گڏ اجلاس منعقد ڪيو ويو. ڊپٽي ڪمشنر نور احمد سمون ٻڌايو ته خيرپور ضلعو جي هزارين ايڪڙ زمين پاڻي ۾ آهي ضلعي انتظاميا جي پهرين ترجيح آهي ته سمورن متاثر علائقن مان پاڻي جي نيڪال جي نظام کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي ته جيئن متاثرن کي آساني ميسر ٿي سگهي ان سلسلي ۾ پاڪ آرمي جي انجنيئرنگ ڪور جي آفيسرن ۽ جوان ضلعي انتظاميا سان گڏ سهڪار ڪري رهيا آهن. ڊي سي خيرپور وڌيڪ چيو ته خيرپور شهر جي دڪانن ۾ پاڻي جي سطح ۾ گهٽتائي ٿي آهي ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ بهتر نتيجا سامهونايندا. چيف انجنيئر اقرارالحق قريشي وي سي خيرپور کي يقين ڏياريو ته اسڪارپ ڊويزن جا سمورا پمپنگ اسٽيشن 24 ڪلاڪ فعال رهندا ۽ ضلعي انتظاميا جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي ان موقعي تي ايگزيڪيوٽو انجنيئر سميت ٻين انجنيئرن پاڻي جي نيڪال جي حوالي سان سمورن اپائن تي تفصيلي بريفنگ ڏني صحت کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري آغا عبدالرحيم ڪمشنر آفيس شهيد بينظير آباد جو دورو ڪيو. ڪمشنر شهيد بينظير آباد ڊويزن رشيد احمد زرداري ۽ صحت کاتي جي آفيسرن سان ملاقات ڪري پوري ڊويزن ۾ برسات متاثرن کي صحت جي سهولتن جي فراهمي ۽ فيصل آباد کان آيل ينگ ڊاڪٽرن جي ٽيم جي ڪم بابت معلوم ورتي هن صحت کاتي پاران ضلعي شهيد بينظير آباد ۾ ريليف ڪيمپن ۾ قائم ميڊيڪل ڪيمپن جو دورو ڪيو ۽ متاثرن کان صحت جي سهولتن بابت معلومات حاصل ڪئي هن چيو ته تازي برساتن کانپوءَ بيمارين جي پکڙجڻ کي روڪڻ لاءِ سمورن ۽ پيرا ميڊيڪل عملي جون موڪليون ختم ڪري انهن کي ميڊيڪل ڪيمپس ۽ صحت مرڪزن ۾ ڊيوٽي جو پابند ڪيو ويو آهي ته جيئن ڪنهن به ايمرجنسي کي فوري منهن ڏنو وڃي سنڌ حڪومت ۽ خيرپور جي ضلعي انتظاميا پاران برسات متاثرن کي ٽينٽ سٽيز ۾ سمورين سهولتن جي فراهمي جو عمل باقاعدگي سان جاري آهي ان سلسلي ۾ تعلقي ٺرهي مير واهه ۾ سوئي گيس لڳ سپر مارڪيٽ جي ويجهو نارا روڊ جي مقام تي عدالتي حڪمن تي عمل ڪندي ٽينٽ سٽي قائم ڪئي وئي آهي اسسٽنٽ ڪمشنر ٺري ميرواهه عبدالباسط ٻڌايو ته ٽينٽ سٽي ۾ 100 خيما لڳايا ويا آهن جن ۾ 97 خاندان موجود آهن جن جي رجسٽريشن جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي جڏهن ته متاثرن کي کاڌي، پيئڻ جي پاڻي، واش روم سميت زندگيون جون باقي سهولتون ڏنيون پيون وڃن ٻئي پاسي عدالتي حڪمن تي قائم ڪيل سٽيزن ڪميٽي جي سربراهه سول جج فيملي ۽ جڊيشل مائجسٽريٽ سيد نياز علي شاهه ڪميٽي جا ميمبر صدر ڊسٽرڪٽ بار سيد جعفر علي شاهه، ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ ڊاڪٽر زاهد سومرو، مختيارڪار سميت ٻين ميمبرن ٽينٽ سٽي جو دورو ڪيو ۽ متاثرن کي فراهم ڪيل کاڌي پيتي جو معائنو ڪيو ۽ لاڳاپيل آفيسرن کي صحت، کاڌي، پيتي ۽ نصابي سرگرمين ۽ غيرنصابي سرگرمين جا موقعا به فراهم ڪيا وڃن. خيرپور ۾ سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا پاران برسات متاثرن کي ٽينٽ سٽيز ۾ تعليم کاتي جي سهڪار سان ٽينٽ سٽي ريسٽ هائوس، پيرجو ڳوٺ ۾ تعليمي سرگرميون شروع ڪيون ويون آهن ان حوالي سان عدالتي حڪمن تي عمل ڪندي اسسٽنٽ ڪمشنر علي گوهر مهيسر ريسٽ هائوس ۾ قائم ڪيل اسڪول ۾ متاثر ٻارن ۾ ڪتاب، ڪاپيون ۽ نصابي سامان ورهايو ۽ جڏهن ته ٽينٽ سٽي ۾ پڪل کاڌو ۽ ٻيون شيون به ورهايون ويون سنڌ حڪومت ضلعي انتظاميا ۽ لائيو اسٽاڪ خيرپور ۽ نارا ڊويزن پاران تعلقي ناري سميت ٻين علائقن ۾ جانورن جي ويڪسين، ايندڙ موسم ۾ دوائن جي استعمال، وڏن جانورن جي ويڪسينيشن جي سلسلي ۾ تعلقي ناري ۾ ميگا ڪيمپ قائم ڪيو ويو جنهن ۾ نارا ۾ پاڪستان رينجرس جي ليفٽيننٽ ڪرنل خرم شهزاد سميت ٻين آفيسرن دورو ڪيو ۽ سموري ويڪسين مهم، آگاهي مهم ۽ ٻين ڪمن جو تفصيلي جائزو ورتو ان موقعي تي ڊپٽي ڊائريڪٽر گدا حسين سولنگي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت لائيو اسٽاڪ کاتي ۽ ڊپٽي ڪمشنر نور احمد سمون جي هدايت تي ميگا ڪيمپ جي منعقد ڪرڻ ۾ 20 کان وڌيڪ اسٽاف ميمبر مقرر ڪيا ميگا ڪيمپ جي ذريعي اٺ وڌيڪ ڪيمپ قائم ڪيا ويا هن چيو ته چوپائي مال پاليندڙن کي برسات سبب جانورن کي مضري صحت خوراڪ نه ڏيڻ جي سلسلي ۾ آگاهي مهم به جاري آهي جڏهن ته وڌيڪ احتياطي تدبيرن لاءِ عملي اپاءَ ورتا پيا وڃن ٻئي پاسي ڊپٽي ڊائريڪٽر خيرپور ڊاڪٽر گل بهار ناريجو ٻڌايو ته جانورن جي صحت ۽ انهن جي پالڻ سميت ٻين اهم معاملن ۾ سنڌ جي لائيو اسٽاڪ کاتي ۽ ڊپٽي ڪمشنر جي هدايت جي روشني ۾ مصروفي عمل آهيون خيرپور ۽ ناري ڊويزن پاران جاري ڪيل رپورٽ مطابق 232447 جانورن جي ويڪسينيشن ڪئي وئي آهي ان موقعي تي مال پاليندڙ خير محمد ڀنڀري چيو ته سنڌ حڪومت جا ٿورئتا آهيون جو انهن اسان جي جانورن جي سار سنڀال لاءِ ڪيمپ منعقد ڪيا هن گهر ڪئي ته سخت برساتن جي نتيجي ۾ جانورن لاءِ خوراڪ ناهي سنڌ حڪومت ۽ لائيو اسٽاڪ کاتو ان سلسلي ۾ جانور پاليندڙن جي مدد ڪيو ضلعي شهيد بينظيرآباد جي تعلقي قاضي احمد جي علائقي شاهپور جهانيان ۾ مفت وٽرنري آگاهي ۽ ويڪسينيشن ڪيمپ منعقد ڪيو ويو. ٽنڊو باگو يوسي داد ۽ جي بي پي ايس محمد ملاح جي ٽينٽ سٽي جي تعليمي سرگرمين جو شروعات ڪئي وئي ڊي سي لاڙڪاڻي جي هدايت تي لاڙڪاڻي شهر جي مختلف ماڳن، ايوب ڪالوني، بيت المال ڪالوني، دري محلا، ڪرم آباد، سمائيٽيا روڊ، ايڊووڪيٽ بابو سرفراز جي رهائشگاهه، جسٽس شمس الدين جي رهائشي علائقي، چيف جسٽس رهائشي علائقي، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج هائوس، ججز لاج، سي ايم سي اسٽاف ڪالوني ۽ وي سي سيڪريٽريٽ، ايس ايم بي بي ايم يو ڪالوني سميت مختلف ماڳن تي فيوميگيشن اسپري ڪيو ويو. ڪنڌڪوٽ ٽائون ضلعي بدين ۾ فيوميگيشن اسپري ڪيو ويو، ٽينٽ سٽي حيدرآباد ۾ فيوميگيشن اسپري ڪيو ويو. اسسٽنٽ ڪمشنر قاضي احمد محمد ذيشان ارشد ضلعي انتظاميا ۽ پاڪ فوج جي مدد سان شيرمحمد ڪالوني جي سامهون قائم ٽينٽ سٽي ۾ ٻوڏ متاثرن ۾ راشن، ماسڪ، ڪپڙا ۽ ٻيون زندگي جون ضروري شيون فراهم ڪيون. دادو شهر کي ٻوڏ جي پاڻي کان بچائڻ لاءِ ايم اين اي دادو رفيق احمد جمالي ۽ ايم پي اي دادو بيريسٽر پير مجيب الحق جي نگراني ۾ دادو شهر جي ناقا بندي ڪئي وئي. ڪمشنر لاڙڪاڻي گهنور خان لغاري ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ روينيو عملدارن سان ميٽنگ ڪئي. اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ابرار جعفر سان ايڊيشنل ڪمشنر ون، ٽو ۽ چئني تعلقن سان اسسٽنٽ ڪمشنرز شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ابرار جعفر ڪمشنر لاڙڪاڻي ريليف ڪيمپن، ٽينٽ سٽي، راشن، ٽينٽ ۽ ترپالن جي ورهاست بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته هاڻي تائين چار ٽينٽ سٽيز ۾ 399 خاندان آباد ٿي چڪا اهن ۽ 42 هزار راشن بيگ ورهايا ويا آهن. ڪمشنر لاڙڪاڻو مڪاني ادارن جي نمائندن سميت يو سي چيئرمينن، ڪائونسلرن ۽ آفيسرن کي چيو آهي ته هو هڪ گڏيلڪميٽيٺاهي ته جيئن ٻوڏ سبب ٿيل نقصان جو اندازو لڳائي سگهجي ۽ ٻوڏ متاثرن کي اسڪولن ۾ قائم رليف ڪيمپن مان خيما شهرن ۾ منتقل ڪري تعليمي عمل کي جلد شروعڪرڻ لاءِ هدايتون ڏنيون.هالا ۾ سروري جماعت جي امير خليفي سيد نور محمد شاهه مٽياري ضلعي جي برسات متاثرن ۾ 35 هزار راشن جا ٿيلها ورهائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ برساتن ۽ دريائن ۾ آيل ٻوڏ سبب وڏي تباهي آئي آهي، اسان هن وقت سنڌ جي عوام جي مدد لاءِ ڪوششونڪري رهيا آهيون، اسان جي پارٽي سنڌ جي عوام کي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجا وسيلا استعمال ڪري رهي آهي، سروري جماعت سنڌتي اچڻ واري مشڪل وقت ۾ سنڌ جي عوام جو ساٿڏنو،اسان وڌيڪ مدد لاءِ ڪوششون جاري رکنداسين. فورٿ سول جج اينڊ جوڊيشل مئجسٽريٽ محمد سليم اعواڻ شهر جي ميونسپل اسٽيڊيم ۾ قائم ٽينٽ سٽي جو دورو ڪريٻوڏ ۽ برسات متاثرن جا مسئلا معلوم ڪيا ۽ ٽينٽ سٽي ۾ کاڌي پيتي جو پڻ معائنو ڪيو. ڊپٽيڪمشنر شڪارپور ابرار جعفر يوٽيلٽي اسٽور گودام جو اوچتو دورو ڪيو ۽ راشن بيگ جي مواد جو معائنو ڪيو. ڊپٽيڪمشنر شڪارپور هن وقت تائين 50 مان 72 يوسيز ۾ 77 هزار راشن بيگز ورهائي چڪو آهي، جڏهن ته ٻنڏينهن ۾ شهري وارڊن ۾ راشن بيگز ورهايا ويندا. يوٽيلٽي اسٽورڪارپوريشن جي ريجنل مئنيجر فاروق احمد ٻڌايو ته ضلعي انتظاميا 60 هزار راشن بيگز جو آرڊرڏنو هو، جڏهن ته اسان 77 هزار راشن بيگزڏنا آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو