لنڊن: (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته 2028 کان سمورن کاتن کي وياج کان پاڪ ڪيو ويندو. لنڊن جي هڪ مسجد ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته اسلامي نظام جي لاڳو ۽ وياج جي نظام جي خاتمي کان سواءِ پاڪستان ترقي نٿو ڪري سگهي. پاڪستان جي بقا اسلامي نظام ۾ آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ انساني حقن جي تحفظ ۽ معيشت جي بهتري لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. 26هين آئيني ترميم ۾ وياج جي نظام جي خاتمي کي آئين جو حصو بنايو ويو آهي.مولانا فضل الرحمان چيو ته آئين اسان سڀني جو آهي ۽ اسان کي انهي جو احترام ڪرڻو پوندو. جڏهن ته جمهوريت جي بقا ۽ اسلامي نظام جي لاءِ سڄي پاڪستان ۾ تحريڪ جاري رکنداسين. هن چيو ته پاڪستان جي امن لاءِ اسان کي گڏ ٿيڻو پوندو. دهشتگردي جي انت واري ايڪٽ ۾ ترميم 26هين آئيني ترميم ۽ جمهوريت جي توهين آهي ڪنهن کي شڪ جي بنياد تي 90 ڏينهن تحويل ۾ رکڻ بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان محفوظ پاڪستان لاءِ آئيني دائري ۾ مضبوط فوج جا قائل آهيون.










