اسان جي هٿ ٻڌا ويا ته چُپ نه ويهنداسين: عمران خان

اسان جي هٿ ٻڌا ويا ته چُپ نه ويهنداسين: عمران خان

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته جيڪڏهن اسان جا هٿ ٻڌا ويا ته اسان چُپ نه ويهنداسين. پنهنجي هڪ بيان ۾ عمران خان چيو آهي ته مٿس غداري سميت 144 ڪيس ٺاهيا ويا آهن ۽ هو وڳوڙ نه چونڊون چاهي ٿو.هن چيو ته مخالف مون کي رستي تان هٽائڻ چاهين، هو مون کي مرتضيٰ ڀٽو وانگر قتل ڪرائڻ چاهين ٿا، کين اِهو ڊپ هو ته جيڪڏهن مون کي جيل ۾ بند ڪيو ويو ته منهنجي مقبوليت ۾ اضافو ٿيندو انڪري هو مون کي قتل ڪرائڻ چاهين ٿا.سندس چوڻ هو ته اهڙي طريقي سان سياسي پارٽيون ختم ناهن ٿينديون، پر مُلڪ کي نقصان ٿيندو آهي، چونڊن کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ناهي.پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته پاڻمرادي نوٽيس سبب اسان جي حڪومت وئي هئي ۽ ان وقت به ساڳا ئي جَجَ هئا، انصاف جي نظام تي ڪنهن جو اعتماد نه هوندو ته ڪير سيڙپڪاري ڪندو؟ .عمران خان چيو ته جيڪڏهن چونڊون نه ڪرايون ويون ته اسان روڊن تي نڪرنداسين، جيڪڏهن سڀني کي جيلن ۾ وڌو ويو، اسان جا هٿ ٻڌا ويا ته اسان چُپ نه ويهنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو