اسلام آباد(بيورو رپورٽ)تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته جنهن ڏينهن اسلام آباد پهچنداسين، تاريخ ڏينداسين ۽ تاريخ بدلائينداسين، اوهان کي موت جي سزا ڏينداسين.گوجرانوالا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته پاڪستان ۾ ٿيندڙ احتجاجن کان وڌيڪ لنڊن ۾ وڏا احتجاج آهن.فواد چوڌري چيو ته هي تحريڪ احتساب جي تحريڪ آهي، ملڪ جي نظام کي درست ڪرڻ جي تحريڪ آهي.فواد چوڌري چيو ته عمران خان خلاف بينر لڳائڻ تي خرم دستگير کي گرفتار ڪيو وڃي، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اسان جي سمورين سيٽن تان استعيفائون قبول ڪري چونڊون ڪرايون.پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته عمران خان ايندڙ 120 سيٽن تي به اميدوار هوندو، مريم نواز تي هاڻي پابندي ناهي، جيڪڏهن هوءَ اليڪشن وڙهندي ته کيس پنهنجي مقبوليت جو پتو پئجي ويندو.اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته پوليس آفيسر اسان جي حقيقي آزادي جا نگهبان آهن.










