ارسا پنجاب بعد سنڌ جي پاڻي کڻت ۾ به واڌ ڪري ڇڏي

ارسا پنجاب بعد سنڌ جي پاڻي کڻت ۾ به واڌ ڪري ڇڏي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ارسا اربع ڏينهن 23 اپريل تي سنڌ کي ملندڙ پاڻي ۾ 5 هزار ڪيوسڪس جي واڌ ڪري ڇڏي آهي. سنڌ کي 18 کان 22 اپريل تائين 45 هزار ڪيوسڪس ملي رهيا هئا جنهن ۾ 23 اپريل تي 5 هزار ڪيوسڪس جو اضافو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته پنجاب کي 22 اپريل کان 7 هزار جي واڌ بعد 71500 ڪيوسڪس ملي رهيا هئا. ارسا ۾ سنڌ جي ميمبر احسان لعاري سنڌيار کي بڌايو ته هن وقت سنڌ جي گهرج 55 هزار آهي ۽ پنجاب جي گهرج 81 هزار ڪيوسڪس جي آهي. گذريل سان هن ڏينهن تي پنجاب کي 64900 ۽ سنڌ کي 48 هزار ڪيوسڪس مليا هئا. ارسا پاران جاري ڪيل ڊيٽا مان لڳي ٿو ته تازين برساتن ۽ گرمي پد وڌڻ بعد رم اسٽيشنز تي پاڻي جي پهچندڙ وهڪرن ۾ واڌ ٿي رهي آهي. 23 اپريل رم اسٽيشنز تي پاڻي جي آمد يعني اِن فلو 149970 ۽ آئوٽ فلو 115575 ڄاڻايل آهي. باقي پاڻي ڊيمز ۾ جمع ڪيو پيو وڃي. سنڌ کي جيڪو 18 اپريل کان 45 هزار ڪيوسڪس پاڻي مليو هو اهو 28 اپريل تي سکر بيراج پهچندو ۽ ڪوٽڙي بيراج تي پهچڻ ۾ ٽي ڏينهن لڳندس يعني پهرين مئي تي پهچندو. ارسا جي پاڻي ڊيٽا جا مڪمل تفصيل ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو.

پهنجو تبصرو موڪليو