ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)آبپاشي واري کاتي جي صوبائي وزير ڄام خان شورو جو پاڻي صوتحال تي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته چشما جھلم ۽ تونسا پنجند لنڪ ڪينالز جي مسلسل وھڪري سبب تربيلا ڊيم تيزي سان خالي ٿي رھيو آهي ارسا غيرقانوني ووٽنگ ذريعي بلوچستان جي ميمبرجي مدد سان سي جي ۽ ٽي پي لنڪ ڪينالز کي هلائي رھيو آهي ارسا پاران سنڌ کي پاڻي جي وڌيڪ شارٽيج ڏني پئي وڃي ارسا جي غيرقانوني فيصلن سبب سنڌ کي خريف جي مند ۾ تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي وفاقي حڪومت کي ارسا جي اھڙن غيرقانوني فيصلن کي فوري روڪڻ گھرجي صوبن جي وچ ۾ پاڻي معاھدي 1991 تحت پاڻي جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻايو وڃي قومي اسيمبلي جي پاڻي وسيلن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي سب ڪميٽي جي رپورٽ کي جلد پڌرو ڪيو وڃي










