ادارن جي خلاف ناهيون، ڪٺ پتلي آڏو نه جهڪبو، راڻا ثنا

ادارن جي خلاف ناهيون، ڪٺ پتلي آڏو نه جهڪبو، راڻا ثنا

لاهور(ويب ڊيسڪ)نواز ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته اسان جو ڪنهن به رياستي اداري سان جهيڙو نه آهي، پر اسان موجوده ڪٺ پتلي حڪومت جي سامهون نه جهڪنداسين. لاهور ۾ منشيات جي خاتمي واري عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته مون تي 15 ڪلو هيروئن جو جعلي ڪيس ٺاهيو ويو ۽ چيو پيو وڃي ته مان غير قانوني طور اثاثا ٺاهيا آهن. نون ليگ اڳواڻ جو چوڻ هو ته منهنجا سمورا اڪائونٽ منجمد آهن، بطور ايم اين اي منهنجو اڪائونٽ به فريز آهي، فيملي جا اڪائونٽس به ڏيڍ سالن کان منجمد آهن، ظلم، زيادتي ۽ نا انصافي 15 مهينن کان جاري آهي. هن چيو ته حڪومت اپوزيشن کي ڇا بي نقاب ڪندي، هاڻي هو پاڻ بي نقاب ٿي رهي آهي، اسان ظالم حڪومت جي سامهون بيٺا آهيون جهڪڻ وارا نه آهيون، پي ڊي ايم طئي ڪيو آهي ته مهانگائي خلاف آواز اٿاريو ويندو. هن چيو ته اسان جو ڪنهن به اداري سان جهيڙو نه آهي، سياستدان ۽ اپوزيش سميت سڀئي وطن سان محبت ڪرڻ وارا آهن، پر موجوده حڪومت ڪمزور آهي، ڪڏهن به مضبوط نٿي ٿي سگهي. پي ٽي آءِ سرڪار کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي راڻا ثناءُ الله جو هو ته موجوده حڪومت پنهجا 23 اڪائونٽس سامهون آڻي ۽ آڊٽ ڪرائي سڄي خبر پئجي ويندي. هن چيو آهي ته کنڊ اسيڪنڊل ۾ 150 ارب روپين جو ڌاڙو هڻندڙ لنڊن وڃي ويهي رهيو، ڊاڪٽر ظفر مرزا دوائن جي مد ۾ اربين روپيا ڪمائي ٻاهرين ملڪ هليو ويو، 5شراب جي لائسنس جا  ڪروڙ بوزدار جي ڀاءُ ورتا ۽ ڪيس ڊي جي ايڪسائيز خلاف ڪيو ويو، نيب کي اهو نظر نٿو اچي، وزيراعظم کي اربين روپين جي ڪرپشن نظر نٿي اچي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مفاهمت واري پاليسي جو اهو مطلب ناهي ته ووٽ کي عزت جي نعري تي سمجهوتو ڪيو وڃي ، ملڪ ۾ آزاد ۽ شفاف احتساب ٿيڻ گهرجي. راڻا ثناءَ الله مطالبو ڪيو ته عمران خان وزيراعظم جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي، آزاد ۽ منصفاڻي چونڊ ڪرايو ۽ ڪير به مداخلت نه ڪري جيڪو کٽي اچي ان کي اقتدار ڏنو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو