لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي چيف سليڪٽر انضمام الحق جي پي سي صابي سان هڪ ڀيرو ٻيهر اختلافن جون خبرون سامهون آيون آهن.ذريعن موجب سينيئر ۽ جونيئر سليڪشن ڪميٽي جو چيئرمين پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کان ناخوش آهي ۽ پاڪستان انڊر 19 ٽيم جي هيڊ ڪوچ جي مقرري تي اختلاف پيدا ٿيا.ذريعن موجب پي سي بي شاهد انور کي انڊر 19 ٽيم جو هيڊ ڪوچ مقرر ڪري ڇڏيو آهي، ان کان اڳ پي سي بي انضمام الحق جي تجويز تي محمد يوسف کي ڪوچ مقرر ڪرڻ جي حمايت ڪئي هئي.انضمام الحق کان اڳ به ڪيترن ئي معاملن تي اختلاف پيدا ٿي چڪا هئا.ذريعن موجب چيف سليڪٽر انضمام الحق ڪجهه هفتا اڳ 25 لک رپيا ماهوار ٽن سالن جو معاهدو ڪيو هو.چيف سليڪٽر جي ويجهن ذريعن موجب انضمام الحق پي سي بي کان الڳ ٿيڻ جو سوچي رهيو آهي، جڏهن ته محمد حفيظ ٽيڪنيڪل ڪميٽي جي راءِ کي اهميت نه ڏيڻ سبب الڳ ٿي ويو آهي.ان کان علاوه ٽيڪنيڪل ڪميٽي جو سربراهه مصباح الحق به هاڻي ڪو به شوق ناهي رهيو، سندس لاءِ پي سي بي سان وابسته رهڻ مشڪل آهي، مصباح اڄڪلهه آءِ سي سي ورلڊ ڪپ لاءِ ٽي وي شو جو حصو آهي.










