اسلام آباد(بيورو رپورٽ)آڊيٽر جنرل پاڪستان جاويد جهانگير اسلام آباد ۾ ٻه ڏينهن بين الاقوامي ٽريننگ جو افتتاح ڪيو. آڊيٽر جنرل پاڪستان کاتي جي نگراني هيٺ هن تربيت ۾ ايران، ترڪي، تاجڪستان، قازقستان ۽ فلسطين سميت اٺن ملڪن جي بين الاقوامي وفدن شرڪت ڪئي. آڊيٽر جنرل پاڪستان جاويد جهانگير پنهنجي افتتاحي خطاب ۾ موثر آڊيٽنگ ۽ پر اثر احتساب جي حوالي سان تربيت جي اهميت کي اجاڳر ڪيو. هن چيو ته تبديلي ۽ مقابلي جي هن دور ۾ آڊيٽرز کي وڌ کان وڌ باخبر ۽ تيار هئڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اسٽيڪ هولڊرز جي توقعات تي پورو لهي سگهجي. هن اميد ظاهر ڪئي ته وڏي تعداد ۾ بين الاقوامي مندوبين جي شرڪت سان هڪٻئي جي تجربي سان فائدو کڻڻ ۽ مستقبل ۾ هم آهنگي ۾ هٿي وٺرائڻ ۾ مدد ملندي. هن ٻڌايو ته آڊيٽر جنرل آف پاڪستان کاتي 30 مهينن جي اندر 490 بلين روپين جي ريڪوري ڪئي آهي. هن ٻڌايو ته اي جي پي آفيس فارنزڪ ۽ ايشوز تي مبني آڊٽ لاءِ خصوصي آڊٽ يونٽ قائم ڪري ڇڏيا آهن ۽ کاتو جلد سسٽم بيسڊ آڊٽنگ ۽ اڪائونٽنگ خدمتن جي سسٽم تي منتقل ٿي ويندو جنهن سان انساني عمل دخل ۾ گهٽتائي سان گڏو گڏ ڪارڪردگي ۾ بهتر ايندي.










