آمريڪي سلامتي صلاحڪار ۽ چيني پرڏيهي وزير وچ ۾ ملاقات

آمريڪي سلامتي صلاحڪار ۽ چيني پرڏيهي وزير وچ ۾ ملاقات

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)مالٽا ۾ چيني پرڏيهي وزير وانگ يي ۽ آمريڪا جي قومي سلامتي جي صلاحڪار جيڪ سليوان وچ ۾ اهم ملاقات ٿي آهي.برطانوي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي ۽ چيني اڳواڻن وچ ۾ 16 ۽ 17 سيپٽمبر تي ٿيل ڊگهي ملاقاتن ۾ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن، سڪيورٽي، يوڪرين تڪرار ۽ تائيوان اسٽريٽ سميت ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.رپورٽ موجب ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات دوران رابطن جا چينل کليل رکڻ تي به ڳالهيون ڪيون ويون.خبرن موجب ملاقاتن کانپوءِ آمريڪا ۽ چين ٻنهي لانگ فاصلن جي ملاقاتن جي حوالي سان الڳ الڳ بيان جاري ڪيا.برطانوي خابرو اداري موجب ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ فوجي سهڪار تي به ابتدائي اڳڀرائي ٿي آهي پر چيني ۽ آمريڪي عملدارن ان معاملي تي تبصرو ڪرڻ کان پاسو ڪيو.چيني پرڏيهي وزارت جو چوڻ هو ته ٻنهي اڳواڻن گڏيل لاڳاپن کي برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو جڏهن ته پرڏيهي پاليسي ۽ شپنگ سميت ايشيا پيسفڪ معاملن تي گڏيل مشاورت جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو