آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ايندڙ هفتي اسلام آباد ۾ ڳالهيون شروع ٿيڻ جو امڪان

آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ايندڙ هفتي اسلام آباد ۾ ڳالهيون شروع ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ايندڙ هفتي اسلام آباد ۾ ڳالهيون ٻيهر شروع ٿيڻ جو امڪان آهي.آمريڪي اخبار دي وال اسٽريٽ جرنل موجب، آمريڪا ۽ ايران جون ڳالهيون ايندڙ هفتي اسلام آباد ۾ ٻيهر شروع ٿي سگهن ٿيون.وال اسٽريٽ جرنل، معاملي کان واقف ذريعن جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته ٻئي ڌريون ثالثن سان گڏ ڪم ڪري رهيون آهن ته جيئن 14 نقطن تي ٻڌل هڪ صفحي جي مفاهمت جي ياداشت (ايم او يو) جو مسودو تيار ڪري سگهجي جيڪو جنگ جي خاتمي لاءِ راهه هموار ڪرڻ لاءِ مهينن جي ڳالهين جو فريم ورڪ قائم ڪندو.رپورٽ موجب، مسودي ۾ ايران جي ايٽمي پروگرام، آبنائي هرمز ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ ايران جي انتهائي افزوده يورينيم جي ذخيرن کي ٽئين ملڪ ڏانهن منتقل ڪرڻ جهڙن معاملن تي بحث شامل آهي.جڏهن ته، خبرن ۾ چيو ويو آهي ته اهم مسئلا اڃا تائين حل نه ٿيا آهن. رپورٽ موجب، پابندين ۾ نرمي جي حد اڃا تائين بحث جو موضوع آهي ۽ هي نقطو ڳالهين ۾ رڪاوٽ بڻجي سگهي ٿو. آمريڪي اخبار جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿئي ٿي ته شروعاتي هڪ مهيني جي مدت کي ڌرين جي گڏيل رضامندي سان وڌائي سگهجي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو