آمريڪا ۽ ايران مستقبل جي ايٽمي معاهدي جي اصولن تي متفق

آمريڪا ۽ ايران مستقبل جي ايٽمي معاهدي جي اصولن تي متفق

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪا ۽ ايران ايٽمي معاهدي جي حوالي سان مستقبل جي ڳالهين لاءِ اصولن تي متفق ٿي ويا آهن.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب، ايراني پرڏيهي وزير چيو ته اهي مستقبل جي معاهدي سان لاڳاپيل ڪيترن ئي اصولن ۽ مقصدن تي متفق ٿيا آهن.اهو اتفاق ڪيو ويو ته ڳالهين جو ٽيون دور 26 اپريل تي منعقد ڪيو ويندو، جڏهن ته ماهر سطح تي ٽيڪنيڪل گروپن جو اجلاس 23 اپريل تي عمان ۾ منعقد ڪيو ويندو.ان حوالي سان، عماني پرڏيهي وزارت جي ترجمان دارالبوسيدي چيو ته ڌريون ايندڙ مرحلي ڏانهن وڌڻ ۾ ڪامياب ٿي ويون آهن، هڪ منصفانه ۽ پائيدار معاهدي تي پهچڻ لاءِ جيڪو ايران تي پابنديون هٽائڻ کي يقيني بڻائي.هن چيو ته ايران جي ايٽمي هٿيار ٺاهڻ جي ارادي بابت شڪ ختم ٿيڻ گهرجن، ۽ ايران کي پرامن مقصدن لاءِ ايٽمي توانائي استعمال ڪرڻ جو حق هجڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو