آمريڪا پاران ڪرتارپور راهداري افتتاح جي آجيان

آمريڪا پاران ڪرتارپور راهداري افتتاح جي آجيان

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا پاران پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪرتارپور راهداري افتتاح کي ڀليڪار ڪندي خوشي جو اظهار ڪيو آهي. گذريل ڏينهن وزيراعظم عمران خان سکن جي مذهبي پيشوا بابا گرونانڪ جي 550هين جنم ڏينهن جي موقعي تي ڪرتارپور راهداري جو افتتاح ڪيو هو جنهن ۾ ڀارت جي اهم شخصيتن سميت سڄي دنيا مان سک ياترين شرڪت ڪئي هئي. ڪرتارپور راهداري جي افتتاح ڪرڻ تي وزيراعظم عمران خان کي سڄي دنيا مان مبارڪون ملڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ ان جي اهڙي عمل کي خوب ساراهيو آهي. آمريڪي وزير خارجه جي ترجمان مورگن اوٽاگس پنهنجو ٽوئٽر پيغام جاري ڪندي چيو آهي ته آمريڪا پاڪستان ۽ ڀارت کي ڪرتارپور راهداري جي افتتاح تي مبارڪ باد پيش ڪري ٿو اها راهداري مذهبي آزادي طرف هڪ بهترين قدم آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو