اسلام آباد( رپورٽ اياز مهر) سپريم ڪورٽ جي سينئر جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته ازخود نوٽيس 2023/4 ڪيس ۾ 29 مارچ جي فيصلي کي 4 اپريل جي نوٽ سان ختم نٿو ڪري سگهجي. 4 اپريل تي جاري ڪيل فيصلي کي عدالتي فيصلو نٿو چئي سگهجي پر ان کي عدالتي نوٽ چئي سگهجي ٿو. وفاقي حڪومت 3 اپريل تي رجسٽرار کي واپس گهرايو هو پر هن 4 اپريل تي غيرقانوني طورعمل ڪندي بطور رجسٽرار ڪم ڪيو ۽ لارجر بينچ جوڙي جنهن جي قانون جي نظر ۾ ڪا حيثيت ناهي. ياد رهي ته 29 مارچ تي جسٽس قاضي فائز جي 3 رڪني بينچ مان ٻن ججن اڪثريتي فيصلي ۾ چيو هو ته جيسين سپريم ڪورٽ جي رولز ۾ فل ڪورٽ فيصلو ڪري تيسين ازخود ڪاروائي وارن سمورن ڪيسن جي ٻڌڻي روڪيو. جنهن کي رد ڪرڻ لاءِ رجسٽرار سرڪيولر جاري ڪيو ته قاضي فائز عيسي جو فيصلو عدالتي فيصلو ناهي پر آبزرويشن آهي. جنهن تي جسٽس قاضي چيو ته اهو واضح عدالتي حڪڪم آهي ان کي انتظامي سرڪيولر يا حڪم سان رد نٿو ڪري سگهجي. جسٽس قاضي حڪومت کي خط لکي رجسٽرار خلاف ڪاروائي جو چيو ۽ وفاقي ڪابينا رجسٽرار جي بدلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيوپر چيف جسٽس کيس چارج نه ڇڏڻ جو چيو. ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن جسٽس قاضي جو فيصلو ويلڊ آهي ته پوءِ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ جيڪو پنجاب م چونڊ ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪيو اهو ويلڊ نه رهندو. چيف جسٽس پنهنجي 4 اپريل واري حڪم ۾ چيو ته جسٽس قاضي جي فيصلي جي عدالتي حيثيت ناهي پر چند منٽن بعد ان فيصلي خلاف 6 رڪني بينچ جوڙي ان کي معطل ڪيو. اڄ جسٽس قاضي تفصيلي فيصلو جاري ڪندي چيو ته تڪبر ڀري آمريت جي ڌنڌ ۾ لپٽيل ڪنهن عدالتي ڪمري مان نڪتل فيصلو آئين کي برطرف نٿو ڪري سگهي. سندس اهو فيصلو سپريم ڪورٽ جي ويب سائيٽ تان ڪجهه ئي دير ۾ هٽايو ويو. ياد رهي ته قرآن حفظ ڪندڙ کي ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا وقت 20 اضافي نمبر ڏيڻ واري ڪيس ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ جسٽس امين الدين خان ۽ جسٽس شاهد وحيد تي مشتمل جوڙيل 3 رڪني بينچ جو تفصيلي فيصلو جسٽس قاضي جاري ڪيو آهي. جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هي اسپيشل بينچ چيف جسٽس جوڙي، ٽن مختلف بينچز مان هڪ هڪ جج کي شامل ڪيو ويو ۽ ٻڌڻي لاءِ وقت عدالتي وقت کان بعد ۾ رکيو ويو. سپريم ڪورٽ جي رولز موجب اڳ ۾ جڙيل بينچ کي ٽوڙي نٿو سگهجي ۽ رولز ۾ خصوصي بينچ جوڙڻ جو چيف جسٽش کي ڪو اختيار ناهي. حافط قرآن کي 20 اضافي مارڪن بابت از خود نوٽيس 14 مهينا اڳ ورتو ويو هو ۽ هاڻي اوچتو ٻڌڻ لاءِ اسپيشل بينچ جوڙي وئي. هن ڪيس ۾ ٻه سوال اڀرن ٿا ته آئين جي شق سڀني شهرين کي برابر جو شهري قرار ڏي ٿي ته پوءِ حافظ کي 20 مارڪون وڌيڪ ڇو؟ شريعت به ان جي اجازت نٿي ڏي ۽ قرآن حفظ ڪرڻ ته بندي ۽ خدا جو معاملو آهي، قانون ۾ کيس اضافي مارڪون ڏيڻ جي گنجائش ناهي. انصاف جو اصول اهو آهي ته جيڪو اڳ م ڪيس داخل ڪري اڳ ۾ ان کي فارغ ڪجي ۽ ڪيسن جي ٻڌڻي مرضي موجب نه هجي. ان سان بي اعتمادي به ختم ٿيندي. ڪيسن جي ٻڌڻي جو عمل شفاف، فيئر ۽ غيرجانبدار هجڻ گهرجي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پارلياماني ميمبرن عوام احتساب ڪري ٿو، هو پاليسيون ٺاهن ٿا جن تي بيوروڪريٽ عمل ڪرائيندا آهن ۽ انهن لاءِ قانون موجود آهن. عدليا جي احتساب جو ان جيان ڪو نظام ناهي. مس ڪانڊڪٽ تي ڪنهن جج خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ڪاروائي ٿي سگهي ٿي پر عدليا خلاف نٿي ڪري سگهجي. ڪيس جي ٻڌڻي من پسند بنيادن تي نٿي ڪري سگهجي. ازخود نوٽيس صرف بنيادي انساني حقن جي خلف ورزي جي ڪيسن ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو. هي بينچ سمجهي ٿي ته ازخود ڪاروائي جي سمورن ڪيسن تي ٻڌڻي روڪي اڳ ۾ ان اختيار ۽ بينچن جوڙجڪ بابت رولز جو فيصلو ڪيو وڃي. هن بينچ جي جج جسٽس شاهد وحيد اختلافي نوٽ ۾ چيو هو ته هو بينچز ٺاهڻ ۽ ڪيسن جي مقرري ۾ چيف جسٽس جو اختيار تسليم ڪري ٿو. هن چيو ته عدليا کي تعميري تنقيد کان نه ڊڄڻ گهرجي نه ئي ان تي پابندي هجن گهرجي. جڏهن عام ڪيس ميرٽ ته نه ٻڌا ويندا ۽ خصوصي بينچ قائم ٿينديون ته ان سان عدليا جي ڪردار تي منفي اثر پوندو. ياد رهي ته سپريم ڪورٽ جي ويب سائيٽ تي جاري ڪيل فيصلو ڪجهه دير بعد اڻ ڄاتل سبب جي ڪري هٽايو ويو آهي.










