اسلام آاباد(رپورٽ اياز مهر)حڪومت سومر ڏينهن خيبر پختونخوا جي وزيراعليٰ سهيل آفريدي جي ان بيان تي سخت اعتراض ڪيو آهي، جنهن ۾ هن چيو هو ته رياست کي ڪابل جي سرزمين پاڪستان خلاف استعمال ٿيڻ بابت ثبوت فراهم ڪرڻ گهرجن.
آچر رات پي ٽي آءِ اڳواڻ عالمگير خان جي گهر ڪراچي ۾ميڊيا سان ڳالهائيندي آفريدي چيو هو ته رياست کي ان دعويٰ جا ثبوت ڏيڻ گهرجن ته افغانستان جي سرزمين پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ استعمال ٿي رهي آهي۔ هن چيو ته افغانستان سان ٻين ملڪن جون به سرحدون آهن، پر انهن کي اهڙيون شڪايتون ناهن.
اها وڊيو ڪلپ سرڪاري نشرياتي اداري پي ٽي وي به سوشل ميڊيا پليٽفارم ايڪس تي شيئر ڪيو.
ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ اطلاعات واري وزير عطاالله تارڙ چيو ته آفريدي افغانستان جي “ترجمان” وانگر ڳالهائي رهيو آهي، جيڪو انتهائي “قابلِ مذمت ۽ شرمناڪ” آهي. هن وڌيڪ چيو ته “سڄي دنيا افغان طالبان جي دهشتگردن جي حمايت جا ثبوت ڏٺا آهن، ۽ ان ڳالهه جا به ناقابلِ ترديد ثبوت موجود آهن ته افغانستان جي سرزمين دهشتگرد ڪارروائين لاءِ استعمال ٿي رهي آهي.”
هن چيو ته، “سهيل آفريدي ڪوڙ ۽ منافقت جي انتها تي پهچي چڪو آهي، پاڪستاني قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن.” هن وڌيڪ چيو ته جڏهن به اها پارٽي ڳالهائي ٿي ته هو دهشتگردن کي سهولت فراهم ڪن ٿا.
“فتنه الخوارج کي پاڪستان جي ترقي قبول ناهي، ان ڪري پاڪستان کي نشانو بڻايو وڃي ٿو،” وزير آخر ۾ چيو ته آفريدي کي “هوش ۾ اچڻ” جي ضرورت آهي.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو ته قومي معاملن تي “غير يقيني” پيدا ڪرڻ پي ٽي آءِ جي “مسلسل پاليسي” رهي آهي، ۽ اهي دهشتگردن کي دهشتگرد سڏڻ کان به پاسو ڪن ٿا ۽ اهڙيون ڳالهيون ڪن ٿا جن سان عام ماڻهو لاءِ شڪ پيدا ڪن ٿيون.
هن پاڙيسري ملڪن کي دهشتگردي جو ذميوار قرار ڏيندي چيو ته هڪ ملڪ “سيڙپڪاري” ڪري رهيو آهي ۽ ٻيو “عملدرآمد”.آفريدي جي بيان تي سخت اعتراض ڪندي هن چيو ته: “ڪي پي جو وزيراعليٰ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي ۾ چيو آهي ته اسان کي افغان حڪومت کي دهشتگرد سرگرمين جا ثبوت ڏيڻ گهرجن.
“ڇا اڃا تائين توهان کي خبر ناهي ته دهشتگردي پٺيان ڪير آهي؟” هن سوال ڪيو. هن چيو ته گهٽ ۾ گهٽ ٻن درجن ملڪن نشاندهي ڪئي آهي ته افغانستان جي سرزمين دهشتگردي لاءِ استعمال ٿي رهي آهي.“اهي ڄاڻي واڻي شڪ پيدا ڪن ٿا. اهي فوجي آپريشن نٿا چاهين، غيرقانوني افغانن کي ڪڍڻ نٿا چاهين ۽ ڪارروائي بدران ڳالهين جا خواهشمند آهن.”
“طلال چيو ته پي ٽي آءِ جي هن نرم رويي جي ڪا نه ڪا وجهه ضرور آهي، انهن ۾ ڪا گڏيل ڳالهه آهي، ۽ مان رڪارڊ تي چوان ٿو ته گذريل 11 سالن ۾ پي ٽي آءِ جي ڪنهن به اڳواڻ، ڪارڪن، صلاحڪار يا وزير تي هڪ به حملو ناهي ٿيو،”
“توهان عام ماڻهن جي ذهنن ۾ ابهام پيدا ڪريو ٿا ته جيئن تحريڪِ طالبان پاڪستان ۽ ٻيا گروهه ڪي پي ۾ سرگرم ٿي سگهن ۽ عام ماڻهن جي همدرديون به حاصل ڪن،”
پي ٽي آءِ جي اسٽريٽ موومينٽ بابت ڳالهائيندي طلال چوڌري سوال ڪيو ته ڇا پارٽي اڳواڻن شهيدن جي خاندانن سان ملڻ جي تڪليف ڪئي آهي؟ “توهان قومي بيانيي جي مخالفت ڪريو ٿا، ڇو ته توهان ان جا فائدو وٺندڙ آهيو،”
“مان ٻيهر چوان ٿو: چاهي توهان وزيراعليٰ هجو يا عام نمائندا، قومي بيانيي خلاف ڳالهائڻ يا ڪنهن به قسم جو شڪ پيدا ڪرڻ برداشت نه ڪيو ويندو،” هن چيو ته پي ٽي آءِ “سئو سياسي تحريڪون” هلائي سگهي ٿي، پر دهشتگردي تي نرم موقف رکڻ يا دهشتگردن جي حق ۾ بيانيو ٺاهڻ ناقابلِ قبول آهي.
طلال چوڌري چيو ته “اسان توهان کي به اتي موڪلينداسين، جتي اسان انهن کي موڪلينداسين، جيڪڏهن اوهان کي انهن سان ايتري همدردي آهي ته پوءِ افغانستان هليا وڃو،” هن وڌيڪ چيو ته “1200 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن؛ خاندانن ۽ ٻارن کي بم ڌماڪن ۾ قتل ڪيو ويو آهي؛ 60 کان 70 سيڪڙو واقعا ڪي پي ۾ ٿين ٿا.”
“وڌيڪ اهم ڇا آهي: اسٽريٽ موومينٽ هلائڻ يا دهشتگردي خلاف پنهنجي سيڪيورٽي فورسز ۽ شهيدن سان گڏ بيهڻ؟” مملڪتي وزير پي ٽي آءِ تي الزام لڳايو ته اها بيچيني پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي “ته جيئن پوءِ بليڪ ميل ڪري فائدو حاصل ڪري سگهجي”.
“ڪابه نرمي نه هوندي،” هن خبردار ڪيو. “دهشتگردن جي حق ۾ توهان جي ڪنهن به اڳواڻ جو هڪ لفظ به برداشت نه ڪنداسين. هاڻي وڌيڪ ابهام برداشت نه ڪنداسين.
“پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ ڪا جاءِ ناهي، همدردن سان به دهشتگردن جهڙو سلوڪ ڪيو ويندو. جيڪڏهن توهان کي افغانستان ايترو پيارو آهي ته هليا وڃو، نه ته اسان اوهانکي موڪلينداسين.” مملڪتي وزير خبردار ڪيو ته ڪنهن کي به پاڪستانين جي رت سان “کيڏڻ” جي اجازت نه ڏني ويندي، چاهي اهو بيانيي ذريعي هجي يا هٿيارن سان.
پارلياماني معاملن واري وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، آفريدي جي بيان کي “تڪليف ڏيندڙ” قرار ڏيندي چيو ته ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ دهشتگردي جا واقعا ڪي پي ۾ ٿيا آهن. هن ايڪس تي شيئر ڪيل وڊيو بيان ۾ چيو ته “جيڪڏهن ثبوتن جي ڳالهه آهي ته … جڏهن اسان دوحا ۽ استنبول ۾ (افغان طالبان سان) ڳالهيون ڪيون، تڏهن افغانستان ان ڳالهه کان انڪار نه ڪيو ته انهن جي سرزمين سرحد پار دهشتگردي لاءِ استعمال ٿي رهي آهي، پر هنن اهو چيو ته انهن جو ان تي مڪمل ڪنٽرول ناهي،” پر “اسان جو مطالبو اهو هو ته هو صورتحال تي ڪنٽرول حاصل ڪن.”
وزير سوال ڪيو ته ڇا ڪي پي جو وزيراعليٰ سيڪيورٽي فورسز ۽ عام شهرين جي قربانين کي تسليم ڪري ٿو، ۽ ياد ڏياريو ته اسلام آباد ضلعي عدالت ٻاهران ڌماڪي سميت وڏا دهشتگرد حملا افغانستان سان ڳنڍيل هئا.
چوڌري وڌيڪ چيو ته “جيڪڏهن اوهان غلطي سان اهڙي صوبي جا وزيراعليٰ بڻجي ويا آهيو، جيڪو اهڙن چيلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي، ته مهرباني ڪري اهڙا شرمناڪ ۽ تڪليف ڏيندڙ بيان ڏيڻ بند ڪريو.” “اڄ اوهان جو بيان شهيدن ۽ مارجي ويل شهرين جي خاندانن جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ برابر آهي،” وزير چيو ته پاڪستان عالمي سطح تي ثبوت ۽ وڊيو فوٽيج مهيا ڪيا آهن، جيڪي ڏيکارين ٿا ته دهشتگرد افغانستان مان سرحد پار ڪري رهيا آهن. “پاڪستان افغانستان لاءِ دوست ملڪ رهيو آهي، پر ڪو به ملڪ اندروني سلامتي جي قيمت تي لاڳاپا نٿو جوڙي،” هن چيو ته “اسان 40 سالن کان افغانين جي خدمت ڪئي آهي، 40 لک افغان پناهگيرن کي مهمان ۽ ڀائر سمجهي پناهه ڏني آهي، ۽ اڃا به ڪيترائي هتي موجود آهن.”
“پر پاڪستان جي سلامتي ۽ عوام جي حفاظت اسان جي ذميواري آهي، ۽ هر حال ۾ اها نڀائينداسين. افغانستان کي به گهرجي ته افغان طالبان حڪومت يقيني بڻائي ته ڪا به دهشتگرد تنظيم ان جي سرزمين پاڪستان خلاف اهڙيون بزدلانه ڪارروايون ڪرڻ لاءِ استعمال نه ڪري.”
“جيڪڏهن حملا جاري رهيا ته اسان انهن سان سختي سان نمٽنداسين۽ افغانستان کي واضح پيغام ڏينداسين ته اها راند بند ڪئي وڃي.”










