آفريدي جو اڳواڻن سان رابطو، سياسي پارٽين جو جرڳو سڏائڻ جو فيصلو

آفريدي جو اڳواڻن سان رابطو، سياسي پارٽين جو جرڳو سڏائڻ جو فيصلو

پشاور (ويب ڊيسڪ)وڏي وزير سهيل آفريدي ان هائوس ڪميٽي جي تحت سڀني سياسي پارٽين جو جرگو سڏائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي ڪيترن ئي سياسي اڳواڻن سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي.وڏي وزير سهيل آفريدي مولانا فضل الرحمان، ايمل ولي، سراج الحق سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، سهيل آفريدي امير مقام، آفتاب شيرپائو ۽ محمد علي شاهه باچا سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي، وڏي وزير صوبي ۾ امن امان جي صورتحال تي سياسي اڳواڻن سان صلاح مشورو ڪيو.سياسي اڳواڻن سان رابطو ڪرڻ کان پوءِ، وڏي وزير سهيل آفريدي ان هائوس ڪميٽي جي تحت سڀني سياسي پارٽين جو جرگو سڏائڻ جو فيصلو ڪيو.وڏي وزير سهيل آفريدي واضح ڪيو ته سڀني پارٽين کي گڏ کڻي پائيدار امن کي يقيني بڻايو ويندو، اختلاف راءِ جمهوريت جو حسن آهي پر امن سڀني جو گڏيل مقصد آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو