اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پرنس رحيم آغا خان، جيڪو اسماعيلي برادري جو روحاني اڳواڻ آهي، اربع ڏينهن هڪ هفتي جي دوري تي اسلام آباد پهتو آهي. ايوان صدر جي ترجمان موجب نور خان ايئر بيس تي صدر آصف علي زرداري ۽ خاتون اول آصفه ءٽو زرداري سندس استقبال ڪيو.
آغا خان کي ايوانِ صدر ۾ اعزازي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو، جتي قومي ترانو وڄڻ دوران صدر آصف علي زرداري سندس ساڻس گڏ موجود هو۔
بيان موجب، آغا خان 20 مئي کان 26 مئي تائين پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي۔ پنهنجي مختلف مصروفيتن دوران هو وفاقي گادي واري شهر ۾ حڪومت ۽ گلگت بلتستان (GB) جي عملدارن سان ملاقات ڪندو۔
هنزه ۽ گلگت بلتستان ۾ تياريون انتهائي تيز ٿي ويون آهن. هن گلگت ۽ هنزه جي عوام کي غربت مان ڪڍڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو ۽ ماڻهو سندس لاءِ ديوانا آهن.
پرنس رحيم آغا خان کي گذريل سال فيبروري ۾ اسماعيلي برادري جو 50هون روحاني اڳواڻ مقرر ڪيو ويو هو، سندس والد Princeپرنس ڪريم آغا خان 88 ورهين جي عمر ۾ لزبن ۾ وفات ڪري ويو هو.
آمريڪا ۾ تعليم يافته ۽ سوئٽزرلينڊ ۾ رهندڙ پرنس رحيم ڪيترن ئي ادارن جي بورڊن تي ڪم ڪري چڪو آهي جيڪي آغا خان ڊولپمينٽ نيٽورڪ سان لاڳاپيل آهن، ۽ هو ان جي ماحوليات ۽ موسمي تبديلي واري ڪميٽي جو چيئرمين آهي.










