آرٽيڪل 5 موجب بنيادي حقن معطل نٿا ڪري سگهجن، عدالت

آرٽيڪل 5 موجب بنيادي حقن معطل نٿا ڪري سگهجن، عدالت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ آئيني بئنچ فوجي عدالتن ۾ شهرين جي ٽرائل جي فيصلي خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل جي ٻڌڻي ڪري رهي آهي.ٻڌڻي دوران بچاءَ واري وزارت جي وڪيل خواجا حارث چيو ته عدالتي فيصلي جو بنياد آرٽيڪل 8 (5) ۽ 8 (3) آهي، جيڪي مختلف آهن انهن کي گڏ نٿو ڪري سگهجي.جسٽس جمال مندوخيل چيو ته توهان جي ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي آهي، اڳتي وڃو باقي دليل مڪمل ڪريو.جسٽس محمد علي مظهر چيو ته جسٽس منيب اختر جي فيصلي جي پيراگراف کان شروع ٿئي ٿو، آرٽيڪل 233 بنيادي حقن جو تحفظ ڏئي ٿو.جسٽس جمال مندوخيل چيو ته آئين موجب به قاعدا معطل آهن، ختم نه ٿيا آهن، آرٽيڪل 5 موجب به حق معطل نٿا ٿي سگهن.وڪيل خواجا حارث چيو ته آرٽيڪل 233 جا ٻه حصا آهن، هڪ هٿياربند فوج ۽ ٻيو سولين لاءِ .

پهنجو تبصرو موڪليو