آرٽس ڪائونسل ويجهو جي يو آءِ جو جلسو، ٽريفڪ پلان جاري

آرٽس ڪائونسل ويجهو جي يو آءِ جو جلسو، ٽريفڪ پلان جاري

ڪراچي )اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ٽريفڪ پوليس اڄ جي يو آءِ (ف) جي ريلي جي حوالي سان ٽريفڪ پلان جاري ڪيو آهي.ڪراچي ۾ اڄ ايم آر ڪياني چوڪ ۽ آرٽس ڪائونسل جي ويجهو جي يو آءِ (ف) جي ريلي منعقد ڪئي ويندي، جنهن جي تحت شاهين ڪمپليڪس کان فوارا چوڪ تائين روڊ بند رهندو.ٽريفڪ پوليس چيو ته ضياءُ الدين سگنل کان ايندڙ ٽرئفڪ کي ڪلب چوڪ شاهراهه فيصل ڏانهن موڙيو ويندو، شاهين ڪمپليڪس کان پريس ڪلب ڏانهن ويندڙ ٽرئفڪ کي پي آءِ ڊي سي ۽ شاهراهه فيصل ڏانهن موڙيو ويندو.ساڳئي طرح، پي آءِ ڊي سي کان ايندڙ ٽرئفڪ کي آواري ڏانهن موڙيو ويندو، ريڪس سينٽر کان فوارا چوڪ ڏانهن ويندڙ ٽرئفڪ کي آواري يا ڪلفٽن ڏانهن موڙيو ويندو.ٽريفڪ پوليس موجب، ڇتري چوڪ کان ايم آر ڪياني ڏانهن ويندڙ ٽرئفڪ کي ايس ايم لا ڪاليج ڏانهن موڙيو ويندو، اهل حديث چوڪ کان ايم آر ڪياني ڏانهن ويندڙ ٽرئفڪ کي شارع لياقت ڏانهن موڙيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو