آر ايل اين جي ڪنيڪشنز تي عارضي پابندي لاڳو ڪرڻ جي تجويز

آر ايل اين جي ڪنيڪشنز تي عارضي پابندي لاڳو ڪرڻ جي تجويز

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي سرڪار ملڪ ۾ گيس جي بهتر ورهاست جي لاءِ اهم قدم کڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.ذريعن موجب حڪومت جي آر ايل اين جي ڪنيڪشنز تي عارضي پابندي لاڳو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، وزيراعظم جي هدايت تي قائم نيشنل ڪوآرڊينيشن اينڊ مينجمينٽ ڪونسل(اين سي ايم سي) انهي حوالي سان سفارشون ڏئي ڇڏيون آهن.ذريعن ٻڌايو آهي ته اين سي ايم سي پيٽروليم ڊويزن کي انهي حوالي سان خط به لکي ڇڏيو آهي، خط ۾ گيس فراهمي بهتر ٿيڻ تائين نئين آر ايل اين جي ڪنيڪشنز عارضي معطل ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سوئي گيس جي طلب ۽ رسد جي موثر انتظامن لاءِ جامع حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي سفارش به ڪئي وئي آهي. اضافي گئس جي فراهمي تي هفتيوار اڳڀرائي رپورٽ به طلب ڪئي وئي آهي.ذريعن موجب گيس جي استعمال کي منظم ڪرڻ جي لاءِ لوڊشيڊنگ جي ٽائيم تي غور ڪيو پيو وڃي. يو ايف جي ۾ گهٽتائي ۽ موسمي بنيادن تي کهپت گهٽ ڪرڻ جهڙن قدمن تي به غور ٿي رهيو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته مهانگي آر ايل اين جي جي متبادل مقامي قدرتي گيس جي استعمال کي هٿي ڏيڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، انهي حوالي سان آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي سان مشاورت ڪئي ويندي. اين سي ايم سي جي ايگزيڪٽو ڪميٽي پيٽروليم ڊويزن کان 27 اپريل تي بريفنگ طلب ڪري ورتي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو