آذربائيجان جي يوم فتح تقريب، وزيراعظم ۽ اردوان جي خصوصي شرڪت

آذربائيجان جي يوم فتح تقريب، وزيراعظم ۽ اردوان جي خصوصي شرڪت

باڪو: (ويب ڊيسڪ) باڪو ۾ آذربائيجان جي فتح واري تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان به خصوصي طور تي دعوت ۾ شريڪ ٿيا.شهباز شريف الهام عليوف جي دعوت تي تقريب ۾ شريڪ ٿيو آهي. تقريب ۾ پاڪستان، ترڪيه ۽ آذربائيجان جا قومي ترانا وڄايا ويا. پاڪ فوج جو خصوصي دستو يوم فتح جي پريڊ ۾ شريڪ ٿيو آهي.آذربائيجان جي يوم فتح تي خصوصي تقريب ۽ پريڊ منعقد ڪئي وئي، آذربائيجان جي صدر الهام عليوف تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته آذربائيجان، پاڪستان ۽ ترڪيه گڏيل لاڳاپن کي نئين بلندين تائين پهچايو آهي. هن چيو ته ترڪيه ۽ پاڪستان جهڙي طرح اسان جو ساٿ ڏنو، انهي کي وساري نٿو سگهجي، پنهنجي ڀاءُ شهباز شريف جي تقريب ۾ شرڪت تي خوشي ٿي آهي، منهنجو ڀاءُ رجب طيب اردوان به تقريب ۾ موجود آهي.هن چيو ته اسان جي دوست ملڪن جا دستا به يوم فتح جي تقريب ۾ شريڪ ٿيا آهن. شهباز شريف آذربائيجان کان جهڙي طرح يڪجهتي جو اظهار ڪيو، انهي تي ٿورائتو آهيان، سمورن معزز مهمانن کي ڀليڪار چوان ٿو، اڄ يوم فتح تي مان پهنجي قوم کي به مبارڪباد پيش ڪريان ٿو.وزيراعظم شهباز شريف باڪو ۾ يوم فتح جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته يوم پاڪستان ترڪيه ۽ آذربائيجان هميشه دوستي ۽ يڪجهتي جو ثبوت ڏنو آهي، پاڪستان ترڪيه ۽ آذربائيجان جي ماڻهن جو دل گڏ ڌڙڪندو آهي، پاڪستان جي عوام طرفان آذربائيجان جي عوام ۽ حڪومت کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو.هن چيو ته تقريب ۾ شرڪت منهنجي لاءِ فخر جوڳي آهي، معرڪه حق جي ڪاميابي جي جشن ۾ آذربائيجان جي دستي جي شرڪت اهميت جوڳي هئي، پاڪستان آذربائيجان ۽ ترڪيه هميشه پنهنجي دوستي ۽ يڪجهتي جو ثبوت ڏنو آهي اهو سلسلو آئنده به جاري رهندو.ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان چيو آهي ته پاڪستان، آذربائيجان ۽ ترڪيه هڪ خاندان جيان آهي. الهام عليوف جي قيادت ۾ آذربائيجان ڪاميابيون حاصل ڪيون، اسان کي اتحاد ۽ يڪجهتي سان اڳيان وڌڻو آهي. هن چيو ته آذربائيجان جي بهادر جوانن پنهنجي زمين جو دفاع ڪيو. ترڪ صدر رجب طيب اردوان ترڪيه پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته يوم فتح تي آذربائيجان جي عوام کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. يوم فتح تي آذربائيجان جي تقريب ۾ پنجون ڀيرو شرڪت تي خوش آهيان.

پهنجو تبصرو موڪليو