آئيني عدالت پاران نسلا ٽاور بابت سپريم ڪورٽ جا حڪم واپس

آئيني عدالت پاران نسلا ٽاور بابت سپريم ڪورٽ جا حڪم واپس

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي آئيني عدالت نسلا ٽاور جي ڊاهڻ جو سبب بڻجندڙ سپريم ڪورٽ جا 2018ع ۽ 2019ع جا حڪم واپس وٺي ڇڏيا. وفاقي آئيني عدالت جو چوڻ آهي ته غيرقانوني اڏاوتن خلاف ڪارروائيءَ جو اختيار بنيادي طور تي صوبائي حڪومت جو آهي، عدليه جو ناهي، عدالتون پنهنجي سامهون موجود تڪرار تائين محدود رهن، غير ضروري معاملن ۾ مداخلت نه ڪن. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ ٻڌڻي هيٺ ڪيس کان اڳتي وڌي وسيع حڪم جاري ڪيا، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي رپورٽن جي بنياد تي قانوني تقاضا پورا ڪرڻ کان سواءِ ڊاهڻ جا حڪم نٿا ڏئي سگهجن. آئيني عدالت پنهنجي فيصلي ۾ لکيو ته منصفاڻي قانوني ڪارروائي (ڊيو پروسيس) هر ڪيس ۾ لازمی آئيني تقاضا آهي، عدالت جو مقصد غيرقانوني اڏاوتن کي قانوني تحفظ ڏيڻ ناهي پر عدالت جو مقصد صرف قانون موجب ڪارروائيءَ کي يقيني بڻائڻ آهي. وفاقي آئيني عدالت چيو ته ڪراچيءَ ۾ غيرقانوني اڏاوتن کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ اثرائتو قانوني نظام ۽ لاڳاپيل ادارا اڳيئي موجود آهن، سنڌ حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارا غيرقانوني اڏاوتن جي نگراني ۽ ڪارروائي ڪرڻ جا آئيني توڙي قانوني طور پابند آهن. آئيني عدالت 21 ڊسمبر 2018ع ۽ 22 جنوري 2019ع جا سپريم ڪورٽ جا حڪم ۽ انهن تحت ٿيل ڪارروائيون واپس وٺي ڇڏيون. جسٽس سيد ارشد حسين شاهه فيصلي ۾ اضافي نوٽ پڻ لکيو، جنهن ۾ هن چيو ته شهرين جي بنيادي حقن ۽ عوامي سهولتن جو تحفظ رياست جي اولين ذميواري آهي؛ پارڪن، راندين جي ميدانن، گرين بيلٽس، فوٽ پاٿن، ساحل ۽ ٻين عوامي ماڳن کي قبزن ۽ تبديلين کان محفوظ رکيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو