اسلام آباد(بيورو رپورٽ)تحريڪ انصاف جي اڳواڻ علي محمد خان مسلم ليگ ن کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته کين چونڊن کان نه ڀڄڻ گهرجي، آئيني ترميم جي آڙ ۾ لڪڻ نه گهرجي.ميڊيا سان ڳالهائيندي علي محمد خان چيو ته آئيني ترميم لاءِ توهان کي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت جي ضرورت آهي.هن چيو ته 1997ع ۾ به (ن) ليگ سپريم ڪورٽ تي حملو ڪيو ۽ گذريل رات حڪومت سپريم ڪورٽ تي ٻئي حملي ۾ مصروف هئي.هن مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن کي مخاطب ٿيندي چيو ته گذريل رات توهان پارليامينٽ ۾ گڏ ٿي خون خرابو ڪيو، توهان وزارتن ۾ ويهي ڪم ڪيو، هتي ڇا ڪرڻ آيا آهيو؟ هن وڌيڪ چيو ته اسان جي ڪارڪنن کي کنڀيو پيو وڃي، عمران خان تي حملو ٿيو، ان جي جاچ اڃا باقي آهي.










