آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاج

آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاج

خانپورمهر(ن سنڌيار) خانپورمهر ۾ آء بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ توڙي تعلقي خانڳڙھ جون سيٽون ظاهر نه ڪرڻ خلاف آء بي اي ٽيسٽ ۾ تعلقي جي 40 کان 54 مارڪون کڻندڙ پي ايس ٽي اميدوارن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي غلام حسين پتافي ساجد حسين مھر، ارشد علي دايو، ارشاد علي مهر، رحمت الله سيال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان نٽهڻ اس ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ آء بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن کي آفر آرڊر ڏنا ويا آهن پر ضلعي گهوٽڪي جي ڊي اي او ايجوڪيشن پاران وزير اعلي سنڌ جي حڪم کانپوء به 40 کان 54 مارڪون کڻندڙ اميدوارن کان ڪاغذ وٺي آفر آرڊر ورهائڻ جو سلسلو شروع ناهي ڪيو ويو، هنن چيو ته تعلقي خانڳڙھ جي اميدوارن سان ماٽيلي ماء وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، هنن چيو ته ڊي اي او گهوٽڪي ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر تعلقي خانڳڙھ جون جون سيٽون لڪائن پيا، تعلقي خانڳڙھ ۾ فيز ٽو لاءِ خالي جايون 100 کان وڌيڪ آهن پر هن مهل تائين تعلقي خانڳڙھ جي ويٽنگ لسٽ پڌري ناهي ڪئي وئي، اسان جي مطابق ته تعلقي خانڳڙھ ۾ 200 کان وڌيڪ جايون خالي آهن پر افسوس جي ڳالهه هن مهل تائين اميدوارن کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي، هنن چيو ڊي اي او گهوٽڪي وٽ وٽ جڏهن ملاقات لاءِ وياسين ته هن اميدوارن سان غير مناسب رويو اختيار ڪري کين ڪڍي ڇڏيو، جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي، اميدوارن وزير اعلي سنڌ، وزير تعليم، سيڪريٽري تعليم سميت ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته تعلقي خانڳڙھ جون سيٽون ظاهر ڪري اميدوارن کي آفر آرڊر ڏئي پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رکيو ويندو..

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو