ايندڙ بجيٽ ۾ نان فائلرز تي پراپرٽي ٽيڪس وڌائڻ جو فيصلو

ايندڙ بجيٽ ۾ نان فائلرز تي پراپرٽي ٽيڪس وڌائڻ جو فيصلو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) کي ريئل اسٽيٽ سيڪٽر کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ جو يقين ڏياريو آهي جنهن جي تحت نان فائلرز پراپرٽي جي خريد ۽ وڪرو تي ٽيڪس ۾ اضافو ڪيو ويندو. تفصيل موجب حڪومت ريئل اسٽيٽ سيڪٽر کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ ۽ سموري هائوسنگ سوسائٽيز کي رجسٽرڊ ڪرڻ جو يقين آءِ ايم ايم ايف کي يقين ڏياري ڇڏيو آهي. ان کان علاوه حڪومت نان فائلرز لاءِ پراپرٽي جي خريد ۽ وڪرو تي ٽيڪس ۾ اضافي جي تجويز ڏني آهي.. جڏهن ته پراپرٽي جي خريداري تي روڪ رقم جي بجاءِ بينڪ ذريعي ڏيتي ليتي جي به تجويز ڏني وئي آهي.ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب پاڪستان آءِ ايم جي وچ ۾ اقتصادي جائزه ڳالهين جي ٽئين ڏينهن حڪومت رئيل اسٽيٽ سيڪٽر کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ جو يقين ڏياري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو