ليکڪ: نصير ميمڻ
دنيا جا مٺي پاڻي جا وسيلا مختلف سببن جي ڪري سخت دٻاءَ هيٺ اچي ويا آهن. تيزيءَ سان وڌندڙ آبادي کي فصلن، کير جي پيداوار ۽ توانائي لاءِ وڌيڪ پاڻي گهربل آهي. ان ڪري دريائن جي وهڪرن کي ذخيرن ۽ پاڻي جو رخ موڙيندڙ اڏاوتن ذريعي روڪيو ۽ محدود ڪيو پيو وڃي.
مٿانهن علائقن ۾ پاڻي جي نه ختم ٿيندڙ طلب ڊيلٽائن جي ماحولياتي نظامن کي ضروري ماحولياتي وهڪرن کان محروم ڪري رهي آهي. جيئن جيئن درياهه سڪي رهيا آهن، تيئن انهن جا ڊيلٽائن جا به دم گُھٽجي رهيا آهن. هڪ مطالعي ۾ سائنسدانن دنيا جي 33 دريائي ڊيلٽائن جو جائزو ورتو ۽ نتيجو ڪڍيو ته انهن مان 24 ماحولياتي تباهيءَ جو شڪار آهن. انهن مان ڪجهه ڊيلٽائن جي صورتحال سنڌو ڊيلٽا جي حالت سان حيرت انگيز مشابهت رکي ٿي.
يانگزي درياهه ايشيا جو سڀ کان ڊگهو ۽ دنيا جو ٽيون نمبر ڊگهو درياهه آهي. ان جو دريائي حوض چين ۾ استعمال ٿيندڙ ڪل مڇيءَ جو لڳ ڀڳ اڌ ۽ چانورن جو ٻه ٽهائي حصو فراهم ڪري ٿو. هن درياهه تي 1950ع واري ڏهاڪي کان هزارين پاڻي ذخيرو ڪرڻ واريون اڏاوتون ٺاهيون ويون آهن. دنيا جو سڀ کان وڏو پن بجلي منصوبو ٿري گارجز ڊيم 13 وڏن شهرن، 140 ڳوٺن ۽ 326 وسندين کي پاڻي هيٺ آڻي ڇڏيو، جنهن سبب 10 لک کان وڌيڪ ماڻهو لڏپلاڻ تي مجبور ٿيا. مٿانهين علائقن مان وڏي پيماني تي پاڻي جو رخ موڙڻ ڊيلٽا لاءِ تباهيءَ جو سبب بڻيو آهي.
ماحولياتي وهڪرن جي کوٽ سبب صنعتن ۽ زرعي فارمن مان بنا ڪنهن مناسب پاڻيءَ جي ملاوٽ جي خارج ٿيندڙ آلودگي خطرناڪ حد تائين وڌي وئي آهي. علائقي جي جهنگلي جيوت سخت دٻاءَ هيٺ آهي ۽ هتان جا ڊولفن به ختم ٿي ويا آهن.
ميڪانگ درياهه ڏکڻ اوڀر ايشيا جو سڀ کان ڊگهو ۽ دنيا جو 12هون نمبر ڊگهو درياهه آهي. ميڪانگ چين، ميانمار، لائوس، ٿائيلينڊ، ڪمبوڊيا ۽ ويٽنام مان گذري ٿو. رڳو ٻه ڏهاڪا اڳ ميڪانگ هر سال لڳ ڀڳ 143 ملين ٽن لٽ ۽ مٽي (sediment) پنهنجي ڊيلٽا تائين کڻي ايندو هو. چين 1995ع کان وٺي ان جي معاون دريائن تي پن بجلي جا ڪيترائي ڊيم ۽ مکيه درياهه تي 11 ڊيم ٺاهيا آهن. درياهه جي ڪناري وارن ملڪن مان هڪ لائوس به زايابوري ۽ ڊان ساهونگ ڊيم ٺاهيا آهن. هاڻي اهي ڊيم درياهه جي لٽ ۽ مٽيءَ جو وڏو حصو رستي ۾ ئي روڪي ڇڏين ٿا.
ميڪانگ رور ڪميشن انڪشاف ڪيو آهي ته 2020ع ۾ درياهه جي لٽ جو صرف لڳ ڀڳ هڪ ٽهائي حصو ويٽنام جي ٻوڏ وارن ميداني علائقن تائين پهتو. ڪميشن اندازو لڳايو آهي ته 2040ع تائين اهو مقدار گهٽجي هر سال پنج ملين ٽن کان به گهٽ رهجي ويندي. ان جي مينگروو ماحولياتي نظام کي تيزيءَ سان نقصان پهتو آهي.
ڊيلٽائن جا ماحولياتي نظام ختم ٿيڻ جي ڪناري ڏانهن ڌڪجي رهيا آهن.
1973ع ۾ ڊيلٽا ۾ مينگروو ٻيلن جو ڪل علائقو 185,800 هيڪٽر (تقريباً 460,000 ايڪڙ) هو، جيڪو 2020ع تائين گهٽجي 102,160 هيڪٽر (تقريباً 252,442 ايڪڙ) رهجي ويو. هي ڊيلٽا ويٽنام جي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. اهو ملڪ جي ڪل علائقي جو 12 سيڪڙو آهي ۽ ملڪ جي چانورن جو 54 سيڪڙو، ميون جو 60 سيڪڙو ۽ سامونڊي خوراڪ جو 70 سيڪڙو فراهم ڪري ٿو. 2022ع تائين ويٽنام جي آبي زراعت جو 70 سيڪڙو به هن ڊيلٽا سان لاڳاپيل هو.
ورلڊ وائيڊ فنڊ فار نيچر (WWF) خبردار ڪيو آهي ته ميڪانگ ڊيلٽا سڪڙجي به رهيو آهي ۽ هيٺ به ڌنسجي رهيو آهي. WWF اهو پڻ نوٽ ڪيو آهي ته درياهه جي تري جي ڪٽائي سبب سامونڊي پاڻيءَ جي اندر اچڻ جو عمل تيز ٿي رهيو آهي؛ لوڻياٺ وارو پاڻي زمين اندر 130 ڪلوميٽرن تائين داخل ٿيندي ڏٺو ويو آهي. لٽ ۽ مٽيءَ جي وهڪري ۾ گهٽتائي کي 400 هنڌن تي سامونڊي ڪناري جي ڪٽائي جو هڪ اهم سبب قرار ڏنو ويو آهي. درياهه جي هيٺين وهڪري وارا ملڪ شڪايت ڪن ٿا ته چين انهن سان لٽ ۽ مٽيءَ جي وهڪري بابت انگ اکر شيئر نٿو ڪري.
نيل ڊيلٽا به هڪ اهم مثال آهي. لڳ ڀڳ 7,000 ڪلوميٽر ڊگهو نيل درياهه دنيا جو سڀ کان ڊگهو درياهه آهي. اهو 11 آفريقي ملڪن — برونڊي، ڊي آر ڪانگو، مصر، اريٽريا، ايٿوپيا، ڪينيا، روانڊا، ڏکڻ سوڊان، سوڊان، تنزانيا ۽ يوگنڊا — مان گذري، قاهره جي اتر ۾ بحيره روم سان وڃي ملي ٿو. نيل ڊيلٽا کي مصري تهذيب جو بنياد ۽ دنيا جي قديم ترين آباد زرعي علائقن مان هڪ سمجهيو وڃي ٿو. مصر جي گهڻي زرعي سرگرمي ڊيلٽا واري علائقي ۾ مرڪوز آهي، جڏهن ته هتان جي مڇيگيري مصر جي ڪل مڇيءَ جي پيداوار جو 12.5 سيڪڙو فراهم ڪري ٿي.
سامونڊي سطح ۾ واڌ، ڊيمن سبب لٽ ۽ مٽيءَ جي وهڪري ۾ گهٽتائي ۽ سامونڊي ڪناري جي ڪٽائي ڊيلٽا جي ماحولياتي نظام لاءِ سنگين خطرو بڻجي چڪا آهن. زمين جي لوڻياٺ وڌڻ ۽ زرعي زمين جي گهٽجڻ سبب لکين مصرين جي خوراڪ جي سلامتي خطري ۾ پئجي رهي آهي.
بحيره روم جي پاڻيءَ جي سطح هر سال 3.2 ملي ميٽر وڌي رهي آهي ۽ هر سال سامونڊي ڪناري جا 35 کان 75 ميٽر حصا سمنڊ ڳڙڪائي رهيو آهي. 1960ع واري ڏهاڪي کان اسوان ڊيم نيل جي لٽ ۽ مٽيءَ کي روڪي رهيو آهي، جنهن سبب اها ڊيلٽا تائين پهچڻ بدران رستي ۾ ئي رڪجي وڃي ٿي ۽ سمنڊ کي زرخيز زمين ڏانهن اڳتي وڌڻ جو موقعو ملي ٿو. 2020ع واري ڏهاڪي تائين ان صورتحال سبب سڀ کان وڌيڪ زرخيز زرعي زمين جو 15 سيڪڙو بنجر زمين ۾ تبديل ٿي چڪو هو.
شهري آبادي ۾ تيزيءَ سان واڌ سبب صنعتي ۽ زرعي توسيع لاءِ وڌيڪ پاڻي جو رخ موڙيو پيو وڃي. سيٽلائيٽ ڊيٽا جي تجزيي مان معلوم ٿيو آهي ته 1990ع کان 2023ع تائين زرعي زمين جي ايراضي ۾ 2.26 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي. سيٽلائيٽ تصويرن مان پڻ تصديق ٿي آهي ته ساڳئي عرصي دوران سامونڊي ڪنارو لڳ ڀڳ 840 ميٽر پوئتي هٽي ويو آهي. گرينڊ ايٿوپين رينيسانس ڊيم جي تعمير سان صورتحال وڌيڪ خراب ٿيڻ جو امڪان آهي، جيڪو آفريڪا جو سڀ کان وڏو ڊيم آهي.
کاڌي ۽ توانائي جي انساني خواهش جي نه ختم ٿيندڙ ڊوڙ صاف سٿرن ۽ قدرتي ڊيلٽائن جي ماحولياتي نظامن کي ختم ٿيڻ جي ڪناري ڏانهن ڌڪي رهي آهي.
( نوٽ، ليکڪ سسٽين ايبل ڊولپمينٽ پاليسي انسٽيٽيوٽ ۾ پاڻيءَ جي انتظام بابت سينيئر صلاحڪار آهي. هي مضمون ڊان اخبار ۾ 17 هين آگسٽ تي شايع ٿيو، جيڪو سندن ٿورن سان اسين پنهنجي پڙهندڙن لاءِ پيش ڪريون ٿا. ادارو)










