واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته نومبر ۾ ٿيندڙ مڊٽرم چونڊن کانپوءِ ايران سان تڪرار فوري طور ختم ٿي ويندو ۽ چونڊن کانپوءِ تيل جي قيمتن ۾ به گهٽتائي ايندي.آمريڪي صدر چيو ته ايران سان ڳالهين جو امڪان موجود آهي، ۽ هن ان ڳالهه جو ذڪر ڪيو ته هو ان مسئلي بابت پنهنجي حڪمت عملي ۾ ائٽمي معاهدي کان اڳتي ڏسي رهيو آهي.صدر ٽرمپ اهو به چيو ته هو ويسٽ بئنڪ ۾ يهودي آبادين تي لاڳو پابندين بابت اسرائيل سان ڳالهه ٻولهه ڪندو.










